تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

گوجرانولا جلسي ۾ ٻيٽن بابت ڇو نه ڳالهايو؟ سوشل ميڊيا تي بلاول ڀٽو مٿان تنقيد

بلاول ڀٽو زرداري پاران گوجرانوالا جلسي ۾ سنڌ جي ٻيٽن واري معاملي جي ڳالهه نه ڪرڻ تي سوشل ميڊيا تي ردعمل ظاهر ڪيو ويو جڏهن ته مولانا فضل الرحمان جون وڊيوز رکي ان جي ساراهه پڻ ڪئي پئي وڃي. ان حوالي سان پوسٽ شيئر ڪندي مجاهد شاهه لکيو ته سنڌي عوام جو آواز وري به مولانا فضل الرحمان ورنايو بلاول ته پنجاب جو وڪيل بڻيل رهيو. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خرم پرويز لکيو ته هو ڄاڻي ٿو ته ڪٿي ڇا ڳالهائڻو آهي، معراج علي خاصخيلي لکيو ته مولانا فضل الرحمان ٻيٽن واري معاملي تي آواز اٿاريو آهي. شبير عباسي لکيو ته اهي ڪيئن ٻيٽن تي ڳالهائيندا. عرفان عالماڻي قومي اسيمبلي ۾ ٻيٽن واري معاملي تي احتجاج ڪندڙ شازيه مري جي تصوير شيئر ڪئي. عارف نائچ لکيو ته ٻيٽن تي قبضو نامنظور، خليل چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيپلزپارٽي ڳالهه کي سمجهي ڪو نه ٿي، ٻيٽن واري معاملي تي سندس ڪردار سٺو ناهي ايندڙ اليڪشن کيس مهانگي پئجي سگهي ٿي. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالقدير ميمڻ لکيو ته پيپلزپارٽي وارا صحيح پير تي نه آيا ته پنهنجو نقصان ڪندا،سميع بلوچ لکيو ته الله ڪري انهن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي، ڊاڪٽر لياقت مغل لکيو ته پيپلزپارٽي ذاتي مفادن جي جنگ ۾ مصروف آهي. لال بخش ڀٽو لکيو ته اسان کي فخر آهي ته پ پ سنڌ جي واحد نمائنده جماعت آهي مخالفت اهي ٿا ڪن جي گهر جي گهٽي ۾ به اليڪشن کٽي نٿا سگهن، رفيق شيخ، ارشد آزاد، اختر علي چانڊيو، آغا ظفر خان، مظهر خاصخيلي، جبار آزاد منگي، ڊاڪٽر صائمه واحد، ارباب علي نوناري پڻ راءِ جو اظهار ڪيو. شهاب اوستو ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جي پهرين جلسي ۾ ٻيٽن واري معاملي تي آواز اٿاري دليون کٽي ورتيون آهن اهڙي اميد بلاول ڀٽو زرداري مان هئي ته هو ان معاملي تي آواز اٿاريندو پر بلاول جلسي ۾ ان جو ذڪر نه ڪيو ڇا اها ذهني غلطي هئي يا ڄاڻي واڻي ايئن ڪيو ؟ مختيار عباسي ٽوئيٽ ڪيو ته پي ڊي ايم جلسي ۾ مولانا فضل الرحمان ٻيٽن تي ڳالهايو پر بلاول ڇو نه ڳالهايو؟ هاڻي اها ڊراميبازي بند ڪرڻي پوندي، منصور کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بلاول بهترين تقرير سان گوجرانوالا جلسو لٽي ورتو ڪاش ڪشمير تي ڀارتي ظلم سان گڏ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي جو به ذڪر ڪري ها. ڊاڪٽر سرمد سهارڻ لکيو ته مولانا فضل الرحمان ٻيٽن بابت مضبوط موقف رکيو، عبدالرزاق ڀاڳت لکيو ته اهو ڪم فضل الرحمان تي رکيو ويو آهي. جميل خواجه لکيو ته بلڪل بلاول کي ٻيٽن واري معاملي تي ڳالهائڻ گهرجي ها. همت مغيري مولانا فضل الرحمان جي تقرير واري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ٻيٽن واري معاملي تي اها ڳالهه اصل ۾ سنڌ جي وڏي پارٽي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڪرڻ گهرجي ها پر هن نه ڪئي، مولانا فضل الرحمان اهڙي ڳالهه ڪئي جنهن تي ساراهه ڪجي ٿي. ذوالفقار سولنگي لکيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي ڪراچي واري جلسي ۾ ٻيٽن واري معاملي سميت مسنگ پرسنز بابت ڳالهائڻ گهرجي. صحبت ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پي ڊي ايم اڳواڻن بلاول ڀٽو زرداري، مريم نواز کي ڪراچي واري جلسي ۾ ٻيٽن تي قبضي واري معاملي تي ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي. ڪمينٽ ۾ شهناز راهو اهڙي ڳالهه سان اتفاق ڪيو، ڌرم پال باگڙي، حريف چانڊيو، شاهنواز راڄپر پڻ اهڙي ڳالهه سان اتفاق ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *