| گورنر راڄ آئيني آهي، مارشل لا ناهي، ڪي پي ۾ حالتون بهتر نه ٿيون ته لڳي سگهي ٿو : وفاقي سرڪار |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آئين ۾ گورنر راڄ شامل آهي، اهو مارشل لا نه آهي، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ته نواز شريف کي ٻه ڀيرا اقتدار تان هٽايو ويو، اسان ته نه چيو راڄڌاني تي حملو ڪنداسين، توهان اسيمبلي ڇڏي ويا ۽ چيو اسان نٿا کيڏون، اها سياست ناهي، هن چيو ته اسان به جيل ڪاٽيا آهن، پر اهي ڳالهيون ورجائڻ جو ڪوبه فائدو ناهي، هاڻي اڳتي وڌو ۽ خدا جي واسطي ملڪ جو سوچو، گڏجي ويهي معاملا حل ڪرڻ سياست جو بُنياد آهي، اعظم نذير تارڙ چيو ته چڙهايون ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ سان ايوان فتح نه ٿيندا آهن، ٻئي طرف اسپيڪر سردار اياز صادق هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ کي اپوزيشن سان ويهي ڳالهيون ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. پارليمان کي عوام جي طاقت سان هلڻ نه ڏيڻ واري محمود خان اچڪزئي جي ڌمڪيءَ جي خلاف قرارداد قومي اسيمبليءَ ۾ پيش، ووٽنگ نه ڪرائي وئي. محمود خان اچڪزئي جي بيان تي اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته هن ايوان جي تحفظ لاءِ ڪنهن شيءِ جي ضرورت ناهي، جيڪڏهن هنن کي شوق آهي ته پورو ڪرڻو آهي ته ڪن۔ 2014ع ۾ مون کي به چيو ويو هو ته پنج منٽن اندر ايوان خالي ڪريو، نه ته ڪزنز ۽ برادرز نقصان پهچائيندا۔ بيرسٽر گوهر جي ڳالهه جو جواب ڏيندي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر چيو ته محمود اچڪزئي منهنجي نظر ۾ اپوزيشن ليڊر نه آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو۔ اجلاس جي شروعات ۾ اسپيڪر اياز صادق چيو ته ڪالهه هڪ ميمبر اپوزيشن لابي ۾ چيو ته هو اسپيڪر چئير تائين ويندا ۽ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ڪارروائي نه هلڻ ڏيندا۔ جيڪڏهن انهن کي شوق آهي ته پورو ڪن۔ پارليامينٽ جو تحفظ منهنجي ذميواري آهي۔ بيرسٽر گوهر جي ڳالهه تي جواب ڏيندي هن چيو ته محمود خان اچڪزئي منهنجي نظر ۾ اپوزيشن ليڊر نه آهي. بيرسٽر گوهر چيو ته منهنجي نظر ۾ ته محمود خان اچڪزئي ئي اپوزيشن ليڊر آهن۔ ايتري تقسيم پئدا نه ڪريو جو جمهوريت کي نقصان ٿئي۔ جيڪڏهن محمود اچڪزئي چوي ته ايوان کي هلڻ نه ڏينداسين ته ان ۾ ڪهڙي نئين ڳالهه آهي. ماضي ۾ اهڙيون سڀ ڳالهيون ٿي چڪيون آهن۔ اسان کي هتي حملي آور نه ٿيڻو هيو. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته بيرسٽر گوهر سٺي ڳالهه ڪئي آهي، هر مسئلي جو حل ڳالهين ۾ ئي آهي۔ وزيراعظم به اڳ ئي ڳالهين جي دعوت ڏئي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪي پي ۾ جيڪڏهن حالتون درست نه ٿيون ته گورنر راج لڳي سگهي ٿو، پر اهو ڪو مارشل لا ناهي۔ اهو آئين ۾ موجود آهي۔ اسپيڪر سردار اياز صادق وزير قانون کي هدايت ڪئي ته بيرسٽر گوهر ۽ اسد قيصر سان ويهي ڳالهه ٻولهه ڪريو. قومي اسيمبلي جي ميمبر شمائلا رانا محمود خان اچڪزئي خلاف قرارداد پيش ڪئي ۽ اسپيڪر کان مطالبو ڪيو ته اُن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پر اسپيڪر قرارداد تي ووٽنگ نه ڪرائي۔ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ فيڊرل پراسڪييوشن سروس ترميمي بل ۽ انساني حقن بابت قومي ڪميشن ترميمي بل 2025 منظور ڪيا ويا۔ جڏهن ته انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن ترميمي بل، عمومي شماريات جي تنظيم نو ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪيا ويا. جنهن بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٻارهين وڳي ڏينهن تائين ملتوي ڪيو ويو۔