گورنر راڄ لڳائي ڏيکاريو، عمران روڪيو، هڪ گولي بدلي 10 هلائي سگهون پيا، ملڪيتون وڪڻي هٿيار وٺڻ تي مجبور نه ڪريو: گنڊاپور

نومبر 30, 2024

پشاور (م ڊ) وزيراعليٰ ڪي پي علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اسان پنهنجي حق لاءِ وڙهنداسين، عمران کي آزاد ڪرائي سک سان ويهنداسين، ملڪ کي ان پاسي نه وٺي وڃو جنهن سان اڳ وڏو نقصان ٿيو، ڪي پي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو ته حڪومت پنهنجي روايت قائم ڪندي مظاهرين تي ظلم ڪيو،  ڀٽو انارڪلي ۾ماڻهن تي گوليو هلايون هيون، پوري قوم ۽ دنيا ڏٺو ته هڪ ليڊر جيل ۾ بيگناهه قيد آهي، جيل ۾ قيد ليڊر جي ڪال تي عوام فسطائيت باوجود ٻاهر نڪتو، ملڪ کي ان پاسي وٺي وڃن پيا جنهن سان اڳ وڏو نقصان ٿيو، علي امين چيو ته عمران جي آزادي ۽ قانون جي بالادستي جو مقصد حاصل ڪري سک جو ساهه کڻنداسين، اسان کي گورنر راڄ جون ڌمڪيون ڏين ٿا، اسان ڪرسين وارا ناهيون، گورنر راڄ لڳائڻو آهي ته لڳائي ڇڏيو، حڪومت هجي يا نه هجي اسان پنهنجي حق لاءِ وڙهنداسين ۽ مرنداسين به، ڪرسي نه عزت، غلامي نه آزادي گهرجي، اوهان ۾ همٿ آهي ته گورنر راڄ لڳائي ڏيکاريو ڏسان ٿو ڪيئن ٿا صوبي ۾ ڪيئن ٿا رهو، گنڊاپور چيو ته عمران اسان کي پرامن رهڻ لاءِ چيو آهي، هٿيار اسان وٽ به آهن، هڪ گولي جي بدلي ۾ اسان به 10 گوليون هلائي سگهون ٿا، ايئن  نه ٿئي ته اسان پنهنجون ملڪيتون وڪڻي هٿيار خريد ڪرڻ لاءِ نڪري پئون، جيڪڏهن پرامن رهڻ ڪمزوري آهي ته عمران کي درخواست ڪندس ته پرامن رهڻ جو لفظ استعمال نه ڪري، ڪي پي اسيمبلي جو اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيو ويو، هوڏانهن وزيراعليٰ هائوس ۾ پي ٽي آءِ جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، عاطف خان، اسد قيصر، علي محمد خان، شهرام ترڪئي ۽ ٻين شرڪت نه ڪئي، وزيراعليٰ احتجاج ۾ مارجي ويل ڪارڪنن لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ جو اعلان ڪيو، گنڊاپور چيو ته اسان پنهنجي نظريي تي قائم آهيون، پارٽي ۾ ڪي به اختلاف ناهن، آئون هر ڪنهن کي منهن ڏئي سگهان ٿو پر پارٽي جي ڪري خاموش آهيان، اسلام آباد جي چوڪن تي مون تي فائرنگ ڪئي وئي.

Leave A Comment