| گورنر راڄ لڳي ٿو؟ (صحافي) جيڪي لڳائين ٿا، انهن کان پڇو، غلطيون سڌاريون وڃن: فضل الرحمان |
اسلام آباد(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کان صحافي سوال ڪيو ته ڇا گورنر راڄ لڳي پيو جنهن تي مولانا وراڻيو انهن کان پڇو جيڪي لڳائي رهيا آهن، 27هين ترميم ۾ ڪيل غلطيون سڌاري آئين کي درست ڪيو وڃي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پارليامينٽ هڪ اهڙو فورم آهي، جتي اسان مشاورت سان معاملا طئي ڪندا آهيون، ڪوشش ڪئي وڃي ته آئين تڪراري نه بڻجي پر 27هين ترميم تڪراري ٿي وئي، 1973ع ۾ ڀٽو اڪثريت باوجود ڳالهيون ڪيون هيون.هن چيو ته 27هين ترميم لاءِ جمهوري گهرجون پوريون نه ٿي سگهيون، سياست لحاظ سان هلڪڙائپ جو مظاهرو ڪيو ويو، ڪجهه مراعتون اهڙين شخصيتن کي ڏنيون ويون، جنهن سان طبقاتي فرق پيدا ٿي ويو آهي.سينيٽر ايمل ولي خان گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته گورنر راج مسئلن جو حل ناهي، گورنر راج جي معاملي کان اي اين پي کي پري رکيو وڃي، اسان گورنر راج جي مخالفت ڪريون ٿا ۽ ڪندا رهنداسين، اسان ڪڏهن به غير جهموري عمل جو ساٿ نه ڏينداسين.