| گورنر راڄ يا ايمرجنسي؟ تياريون مڪمل: پي ٽي آءِ کي آخري موقعو ڏيڻ جو فيصلو: فضل الرحمان ٽياڪڙي لاءِ سرگرم: نياپو پهچائي ڇڏيو |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ڪي پي ۾ گورنر راڄ يا ايمرجنسي لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون، ڪنهن به حتمي قدم کان اڳ پي ٽي آءِ کي آخري موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ سان ڳالهين ۽ مولانا فضل الرحمان سان ٿيل ملاقات بابت بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ڪي پي سميت ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪي پي ۾ دهشتگردي جي نئين لهر بعد نئون آپريشن اڻٽر آهي، جڏهن ته گورنر راڄ يا ايمرجنسي لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ان حوالي سان صدر سان پڻ مشاورت ٿي چڪي آهي. ذريعن موجب حڪومت ڪنهن به حتمي فيصلي کان اڳ تحريڪ انصاف کي ڳالهين لاءِ آخري موقعو ڏيڻ چاهي ٿي، جي يو آءِ سربراهه کي ٽياڪڙي وارو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ سربراهه جي ٽياڪڙي وارين ڪوششن سان ڳالهين جو عمل شروع نه ٿيڻ بعد ڪي پي ۾ آئيني قدم کنيا ويندا، گورنر راڄ يا ايمرجنسي به لڳائي سگهجي ٿي
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ ۽ حڪومت وچ ۾ ڊيڊلاڪ ختم ڪرائڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان سرگرم ٿي ويو. هن حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ثالثي جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان حڪومت ۽ پي ٽي آءِ کي الڳ الڳ ثالثي جي آڇ ڪئي، جنهن تي حڪومت ۽ تحريڪ انصاف اڄ جواب ڏيندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان گذريل ڏينهن حڪومت کي ثالثي جي آڇ ڪئي هئي، جنهن تي حڪومتي وفد وزيراعظم سان مشاورت کانپوءِ جواب ڏيندو. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان حڪومت کي خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ يا ايمرجنسي لاڳو نه ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ صوبي جي صورتحال جو سياسي حل ڪڍڻ جو مشورو ڏنو آهي. حڪومتي وفد سياسي حل بابت مولانا فضل الرحمان جي تجويز سان اصولي طور اتفاق پڻ ڪيو آهي. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان حڪومتي وفد تي آپريشنز جي معاملي ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو، هن بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير جي صورتحال جو به سياسي حل ڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي. پي ٽي آءِ پڻ مولانا فضل الرحمان جي ثالثي واري آڇ تي مثبت ردعمل ڏنو آهي. مولانا فضل الرحمان حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ٻنهي کان الڳ الڳ ڳالهين ذريعي هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ طرفان اڄ مولانا فضل الرحمان سان رابطو ڪرڻ جو امڪان آهي. حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ لانگ مارچ، باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ۽ آپريشن جي معاملن تي ڊيڊلاڪ پيدا ٿيو هو.
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيريسٽر گوهر حڪومت سان ڳالهين ۾ مولانا فضل الرحمان جي بهتر ڪردار جي اميد ڪندي چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان اپوزيشن اتحاد ۾ شامل نه آهي، پر اسان جا مقصد گڏيل آهن، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن جون گاڏيون ڪچي ۾ ڦاسي پيون آهن، انا ختم ڪريو ۽ ويهي ڳالهيون ڪريو، پي ٽي آءِ اڃا به نتيجا ڏيندڙ ڳالهين لاءِ تيار آهي، سندس چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان سان في الحال ڪوبه رابطو نه ٿيو آهي، ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته حڪومت يا مولانا فضل الرحمان پاران ڳالهين جي حوالي سان ڪوبه رابطو نه ٿيو آهي