گورنر راڄ يا پابندي؟ سڀاڻي گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو: واوڊا

گورنر راڄ يا پابندي؟ سڀاڻي گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو: واوڊا

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وفاقي  وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته 9 مئي ڪيسز، نااهلي،  پابندي گورنر راڄ ۽ ڪي پي ۾ “ڀڳوڙن” خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي،  سڀاڻي سومر تي گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن ڪير  “عمرانيت” جي نالي تي رياستي ادارن سان ٽڪر کائڻ جي ڪوشش ڪندو ته اهي به “فرنٽ فٽ” تي کيڏندا، هن پي ٽي آءِ اڳواڻن تي تنقيد  ڪندي چيو ته  هندستان جو لباس اوڙهيل ڪجهه ماڻهو ايوان ۾ ويٺا آهن، انهن کي ڪيڙن ماڪوڙن جيان چيڀاٽي ڇڏينداسين، باني پي ٽي آءِ مسلسل فوج تي حملا ڪندو رهيو، پاڪستان جا دشمن ايم اين اي، سينيٽرز ۽ وزير افغانستان هليا وڃن، هن بيرسٽر گوهر کي مخلص قرار ڏيندي چيو ته هو ٻين کان مختلف آهي. فيصل واوڊا جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪي پي ۾ هڪ انفارميشن سيڪريٽري به مفرور آهي ان کي به پٽو وجهنداسين، پاڪستان ڪنهن جي پي جي جاگير ناهي جيڪي ماڻهو لسانيت ڦهلائي رهيا آهن انهن جو منهن ڪارو ٿيندو، اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته 9 مئي جا ڪيسز پڄاڻي طرف وڃي رهيا آهن، جيڪو جيئن ڪندو اهو لوڙيندو ڊڄڻ ۽ ڊيڄارڻ وارو وقت ختم ٿي ويو، هاڻي ايڪشن جو  وارو آهي، غنڊي گردي ۽ بدمعاشي ڪندڙ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن، سڀاڻي سومر کان ماڻهو سرينڊر ڪرڻ شروع ڪندا، وڏين وڏين توپن ته پهرين ئي هٿ کڻي ورتا آهن،  ڪجهه ماڻهن کي پٽو وڌو ويندو.