گورنر هائوس جي عمارت، پارڪ،گاڏين جي مرمت ۽ تحفن تي پُوڻا 13 ڪروڙ رپيا اڏائڻ جو انڪشاف

جُولاءِ 7, 2023

ڪراچي(رپورٽ:فقير سليم) سنڌ جي گورنر هائوس ۾ پئسا پاڻي جيئن وهڻ لڳا، گورنر هائوس جي پارڪ ۽ عمارت  جي مرمت تي بنا ٽينڊر جي 70 لک، گاڏين جي مرمت تي 69 لک، تحفن ۽ تفريح جي مد ۾ به ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ جو انڪشاف

 ان حوالي سان آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي گورنر هائوس پاران مالي سال 2019-20ع  دوران تحفن ۽ تفريح جي پروگرام جو اوپن ٽينڊر ڪري هڪ ڪروڙ 16 لک 65 هزار رپين جا تحفا ۽ تفريحي پروگرام ڪيا

 جنهن بابت مئي 2021ع ۾ آڊيٽر جنرل پاران پڇا ڪرڻ لاءِ ليٽر لکيو ويو پر گورنر هائوس ڪو  به جواب نه ڏنو، ساڳئي مالي سال ۾ گورنر هائوس جي گاڏين جي مرمت تي 69 لک 51 هزار روپيا خرچ ڪيا ويا

 جيڪو ڪم سرڪاري ورڪشاپ جي اين او سي کانسواءِ عام مارڪيٽ مان ڪرايو ويو ، مرمت ڪرايل گاڏين مان نڪتل پراڻن پارٽس جي  ڪا خبر پئجي ناهي سگهي، هڪ گاڏي 25 آڪٽوبر کان 14 نومبر 2019ع تائين مرمت لاءِ گيريج ۾ بيٺل ڏيکاري وئي، انهي گاڏي پاران  74 هزار رپين جو 485 ليٽر  تيل  استعمال  ڪرڻ پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي

 جڏهن ته مالي سال 2021-22ع ۾ گورنر هائوس جي 31 گاڏين ماهوار 65 لک رپين جو تيل استعمال ڪيو آهي، استعمال ٿيل تيل توڙي پروگرامن جا ڪي به تفصيل ناهن مليا

 مالي سال 2021-22ع ۾ پڻ گورنر هائوس پاران 34ڪروڙ  62 هزار رپين مان وفاقي حڪومت جي منصوبي تحت مليل 3 ڪروڙن ۽ سالياني بجيٽ مان 19 لک 52 هزار رپيا خرچ ڪرڻ جا به ڪي تفصيل ئي نٿا ملن

  انهي سال ۾ 21 لک 11 هزار جا تحفا خريد ڪرڻ سان گڏ تفريح ڪئي وئي اهڙي ريت گورنر هائوس پاران مهراڻ ميڊيڪل اسٽور تان 25 لک 99 هزار رپين جون دوائون خريد ڪيون ويون، اهو اسٽور جي ايس ٽي وٽ رجسٽرڊ ناهي

 مٿان وري انهي اسٽور کان 15 سيڪڙو رعايت به حاصل نه ڪئي وئي، جڏهن ته مالي سال 2021-22ع ۾  70 لک رپيا پارڪ ۽ عمارت جي مرمت جي نالي تي بنا ڪنهن ٽينڊر جي خرچ ڪيا ويا آهن

Leave A Comment