گورنر هاشمي جا ٽرانسپورٽرن ۽ واپارين سان اجلاس: هڙتال ملتوي 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر نهال هاشمي جا گورنر هائوس ۾ ٽرانسپورٽرن ۽ واپارين سان اجلاس،   گورنر  جي درخواست تي هڙتال ملتوي. ان ڏس ۾ گورنر نهال هاشمي واپارين ۽ ٽرانسپورٽرن جي نمائندن سان گڏجي  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آئون خطي ۾ جنگبندي تي پاڪستاني عوام کي مبارڪباد ڏيان ٿو، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جنگبندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو،  ڀارت پاڪستان جي مثبت ڪردار کان ناخوش آهي. هن چيو ته مون ڪاروباري برادري ۽ ٽرانسپورٽرن سان ڳالهيون ڪيون آهن، پيٽروليم شين جي قيمتن ۽ مارڪيٽ جي وقت ۾ واڌ تي واپارين جا خدشا ٻڌا آهن. پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ قومي ۽ علائقائي صورتحال سبب هڙتال ملتوي ڪئي، آل ڪراچي واپاري ايسوسيئيشن جي صدر رضوان عرفان چيو ته سنڌ جو گورنر وفاق جو نمائندو آهي، کيس واپارين جا مسئلا پيش ڪيا ، واپارين 48 ڪلاڪن اندر هڙتال جو اعلان ڪيو هو، موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي واپارين هڙتال ملتوي ڪئي آهي.