گورنر هٽائڻ بابت وفاق صلاح ناهي ڪئي: نئين اين ايف سي سان صوبن جو حصو وڌندو: اغوا وارداتون گهٽيون آهن: مراد شاهه

ڊسمبر 17, 2024

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه ڪراچي جي اين جي وي اسڪول ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري  ھلندڙ سال جي آخري پوليو مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، اها پوليو مهم 16 کان 22 ڊسمبر تائين جاري رهندي. ان موقعي تي وزيراعليٰ مراد علي شاهه چيو ته 80 هزار فرنٽ لائين ورڪر گهر گهر ويندا، اهي ڪوشش ڪندا ته ڪو ٻار  ڦڙا پيئڻ کان رهجي نه وڃي، پوليو ورڪرن جي حفاظت لاءِ سڄي سنڌ ۾ 15 هزار سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. هيل پاڪستان ۾ پوليو جا 63 ڪيس سامهون آيا آهن، جن مان 17 ڪيس سنڌ ۾ آهن. ماحولياتي نمونن جي تجزيي ۾ به وائرس جي موجودگي ظاهر ٿي آهي، اها ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جو رويو تبديل ناهي ٿيو،  هنن پنهنجي غلطين مان ڪوبه سبق ناهي سکيو. هن خبردار ڪيو ته پي ٽي آءِ قيادت هڪ شخص (عمران خان) لاءِ ڪي پي جي عوام کي داءَ تي نه لڳائي. ھن چيو ته آئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي جي اجازت نٿو ڏئي. ايوارڊ جو اعلان هر پنجن سالن کانپوءِ ٿيڻ گهرجي پر بدقسمتيءَ سان 15 سالن کان نئين ايوارڊ جو اعلان ناهي  ٿيو، هن واضح ڪيو ته جڏهن به نئون ايوارڊ ٿيو ته صوبن جو حصو وڌندو، گهٽ نه ٿيندو. گورنر ٽسوري کي هٽائڻ بابت سوال تي ھن چيو ته گورنر جي  حوالي سان ساڻس ڪابه صلاح ناهي ڪئي وئي، گورنر وفاق جو نمائندو آهي، وفاق وڏي وزير سان مشاورت جو پابند ناهي. وڏي وزير چيو ته شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن ۾ اغوا وارداتن ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي، حڪومت ڌاڙيلن کان خالي ڪرايل علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته مون چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته اتي اسڪول کولرائڻ سان گڏ روڊ ٺهرايا وڃن. هن ورجايو ته حڪومت ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. سنڌو درياءُ تي چولستان سميت 6 ڪئنالن جي اڏاوت بابت وڏي وزير چيو ته انهي معاملي تي سنڌ حڪومت ۽ پارٽي جو موقف واضح آهي. وفاقي حڪومت منصوبي تي ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي آهي.

Leave A Comment