گوري خان اباڻي گهر کي شانداز ريزارٽ ۾ بدلائي ڇڏيو

گوري خان اباڻي گهر کي شانداز ريزارٽ ۾ بدلائي ڇڏيو

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ)بالي ووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان جي زال ۽ انٽيريئر ڊزائينر گوري خان پنهنجي 100 سال پراڻي اباڻي گهر کي شانداز ريزارٽ ۾ بدلائي ڇڏيو آهي، جتي هڪ رات جي رهائش جو خرچ  هڪ لک 20 هزار رپيا ( پاڪستاني 4 لک رپيا ) تائين وڃي سگهي ٿو.  اها حقيقت آهي ته گوري خان سپر اسٽار جي زال هوندي پنهنجي انفرادي سڃاڻپ برقرار رکي آهي، هن پنهنجي پيشي طور انٽيريئر ڊزائنر  جو ڪم جاري رکيو آهي، هن   ڪيترن ئي مشهور شخصيتن جي گهرن کي سينگاريو آهي.  هن پنهنجي گهر “منت” ۾ پڻ پنهنجي قابليت جا جوهر ڏيکاريا آهن. تازو هن ڊيلهازي ۾ 1933 ۾ اڏيل  پنهنجي 6 بيڊ روم واري اباڻي ولا کي شاندار ريزارٽ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي،