گورِي خان جو اباڻو گھر هوٽل ۾ تبديل: هڪ رات جو ڀاڙو سوا لک رپيا

گورِي خان جو اباڻو گھر هوٽل ۾ تبديل: هڪ رات جو ڀاڙو سوا لک رپيا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار شاهه رخ خان جي زال ۽ مشهور انٽيريئر ڊيزائنر گوري خان پنهنجي هڪ صدي پراڻي اباڻي گھر کي جديد لگزري ريزرورٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. گورخان 1993ع ۾ ٺهيل پنهنجي خانداني جائداد جي نئين سر اڏاوت ڪئي آهي. ان تاريخي عمارت کي جديد سهولتن  وارو بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ 6 ڪمرا آهن ۽ هڪ شاندار ولا جي شڪل ڏني وئي آهي، جيڪو ڀارت جي خوبصورت جابلو ماڳ  ڊولهائو سي ۾ آهي.  رپورٽن موجب هي خانداني گھر هاڻي لگزري ريزورٽ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، جتي عام ماڻهو به رهائش ڪري سگهن ٿا ۽  قدرتي نظارن مان مزو وٺي سگهن ٿا. اها جائداد گوري خان جي مامي تيجندر تيواڙيءَ جي ملڪيت آهي، ريزرورٽ ۾ هڪ رات جي رهائش جي ڪرارو 1 لک 20 هزار رپين تائين رکيو ويو آهي.