| گورچاڻي ٽائون چونڊون: فارم وصول، اليڪشن نه ڪرايو: مستعفي ڪائونسلرن پاران آئيني درخواست جمع |
ميرواهه گورچاڻي(رپورٽ: مظهر گورچاڻي) ٽاؤن ڪميٽي ميرواھ گورچاڻي جي ٻن وارڊن ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊن کي روڪڻ لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل پنجن مستعفي ڪائونسلرن سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص ۾ آئيني درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ ٻنهي وارڊن ۾ ٿيندڙ چونڊ عمل کي فوري طور روڪڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چونڊ عمل آئيني ۽ قانوني تقاضائن جي ابتڙ هلي رهيو آهي، تنهن ڪري عدالت کان اپيل ڪئي وئي آهي ته ضمني چونڊن کي ترت روڪڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن۔ ياد رهي ته انهن سيٽن ۾ ٽي مخصوص سيٽون ۽ ٻه جنرل سيٽون شامل آهن، جڏهن ته جنرل سيٽن تي چوڌري منير احمد آرائين ۽ راڻا سليم راجپوت جا نالا سامهون آيا آهن ذريعن موجب، عدالت ۾ داخل ٿيل درخواست تي ٻڌڻي جلد مقرر ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب ٽاؤن ڪميٽي جي سياسي صورتحال ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ ۽ سرگرمي وڌي وئي آهي۔ ٻئي پاسي، اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نامزدگي فارم اسسٽنٽ ڪمشنر مھوش اعجاز وٽان وصول ڪيا پيا وڃن۔ آزاد اميدوار طور چونڊ ميدان ۾ لهندڙ چوڌري شاهد اشرف، زيشان آرائين، عرفان جفرياب راجپوت ۽ ايم ڪيو ايم طرفان راڻا طارق پڻ پنهنجا نامزدگي فارم حاصل ڪري ورتا آهن۔هن تازي پيش رفت کان پوءِ ميرواھ گورچاڻي ۾ چونڊن بابت صورتحال وڌيڪ دلچسپ ۽ ڇڪتاڻ واري بڻجي وئي آهي