گورک اٿارٽي ۾ مالي بي قاعدگيون: وزيراعليٰ پاران جاچ جو حڪم: پي ڊي کي ايڪسپلينشن
نومبر 27, 2023
ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي نگران وزيراعليٰ جسٽس (ر) مقبول باقر پرڳڻي جي مشھور تفريح ماڳ گورک ھل اسٽيشن واري پرجيڪٽ ۾ مبينا بي قاعدگين جو نوٽيس وٺي چيف سيڪريٽري کي جاچ جو حڪم ڏنو آھي. جاري ڪيل پڌرائي موجب وڏي وزير گورک ھل اٿارٽي جي فنڊن ۽ اثاثن جي بي رحماڻي استعمال تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو آهي ته پراجيڪٽ جي گاڏين ۽ پيٽرول جي استعمال ۾ ڪيتريون ئي باضابطگيون سامھون اچن پيون، گورک اٿارٽي جي گاڏين لاءِ مقرر 18 ڊرائيور خانگي ماڻهن وٽ ڪم ڪن پيا، ساڳئي ريت 12 بورچي هجڻ باوجود پراجيڪٽ جي بھتري لاءِ ڪم نٿو ٿئي، اٿارٽي ۾ 140 ملازم هوندي ڪو به ڪم نٿو ڪري، وڏي وزير اٿارٽي جي پي ڊي کي ايڪسپلينشن ڪال جاري ڪرڻ جي ھدايت ڪندي چيف سيڪريٽري کي مڪمل جاچ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. نگران وڏي وزير مقبول باقر چيو ته گورک منصوبو ڪجهه من پسند ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ نه پر عوام جي تفريح ۽ سھولت لاءِ آھي، اسان فنڊز جو غلط استعمال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، ٻئي طر ف سي ايم ھائوس جي ذريعن موجب سياحت کاتي واري سيڪريٽري پاران گورک ھل اٿارٽي جي 900 کان وڌيڪ ملازمن جي ايس اين اي منظور ڪرڻ ۽ ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي پڪو ڪرڻ لاء اماڻيل سمري تي وڏي وزير کي سندس اسٽاف پاران ڏنل بريفنگ بعد وڏي وزير گورک ھل اٿارٽي جي حوالي سان انڪوائري جو حڪم ڏنو آھي.
نيب 4 سال جاچ ڪئي پر کين ڪجهه نه مليو: رفيق جمالي
ڪراچي : گورک ھل اٿارٽي جي اڳوڻي چيئرمين رفيق جمالي چيو آهي ته گورک ھل اٿارٽي جي متعلق سي ايم جي ورتل نوٽيس جي آجيان ڪريون ٿا، آئون ھن وقت چيئرمين ناھيان انھي ڪري گورک جي عملي بابت پراجيڪٽ ڊائريڪٽر بھتر ٻڌائي سگھي ٿو، ڇاڪاڻ جو ڊي جي جي پوسٽ ڪافي عرصي کان خالي پيل آھي. ھن چيو ته وزيراعليٰ سٺي ساک رکندڙ شخص آھي، کيس لاڳاپيل پراجيڪٽ ڊائريڪٽر کان بريفنگ وٺڻ گھرجي، ھن چيو ته گورک ھل اٿارٽي ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ملازم رکيل ھئا، هن وقت خبر ناھي ته ڪيترا ڪم ڪن پيا ۽ ڪيترا ڇڏي ويا آھن؟ هن چيو ته مون وٽ اٿارٽي جون 2 گاڏيون ھيون، جيڪي مون نگران وزير حوالي ڪيون، مون وٽ اٿارٽي جو ڪو ملازم ناھي، هن چيو ته دادو ضلعي جي رھواسي جي حيثيت سان نگران وڏي وزير کي دعوت ٿو ڏيان ته توھان گورک تي اچو، اٿارٽي جي اڳوڻي چيئرمين جي حيثيت ۾ منهنجن ڪرايل ڪمن کي ڏسو، اسان جي دور ۾ گورک برفباري ٿي، هتي ھر سال فيسٽيول پڻ ٿيندو ھو، جنهن ۾ رڳو ڪراچي مان 2-3 ھزار فيمليز گورک اينديون ھيون، هن چيو ته گورک جي حوالي سان نيب ۾ چار سال انڪوائري ھلي پر کين ڪجهه به نه مليو ، هن چيو ته انڪوائرين سبب ڪو به آفيسر اٿارٽي ۾ ڪم ڪرڻ لاء تيار نه ھو، جنهن سبب اٿارٽي جا ترقياتي ڪم ڪار به متاثر ٿيا، هن چيو ته اسان جي دور ۾ٺهيل روڊ رستا اتي ئي موجود آھن گذريل سال پيل برسات ڪجهه روڊ اکيڙي ڇڏيا آھن، هن چيو ته جن ماڻهن ڪڏهن گورک جو ماڳ ڏٺو ئي ناھي، اھي جڏهن گورک تي بريفنگ ڏيندا ته پوءِ صورتحال حقيقتن کان مختلف ئي نظر ايندي ـ
چيف سيڪريٽري جڏهن به انڪوائري لاءِ گھرائيندو ته حاضر ٿيندس: پي ڊي محمد علي
راچي: گورک ھل اٿارٽي جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر محمد علي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وڏي وزير جي نوٽس بابت کيس ميڊيا ذريعي خبر پئي آھي، چيف سيڪريٽري جڏهن به انڪوائري لاءِ گھرائيندو ته حاضر ٿي ويندس. اسان جاسمورا ملازم سائيٽ تي موجود آھن، اسان جي اسٽاف ۾ اڪثريت سيڪيورٽي عملي جي آھي، سمورا ملازم ٽن مھينن جي ڪانٽريڪٽ تي رکيل آھن، ھن چيو ته ھو صرف اٿارٽي جي ڊولپمينٽ بابت ٻڌائي سگھي ٿو، باقي اٿارٽي جي ٻين شعبن بابت کيس خبر ناھي ۽ نه ئي ھو ڳالهائڻ چاھي ٿو
گورک ھل اٿارٽي جي چيئرمين جي چارج سياحت واري نگران وزير حوالي
ڪراچي۔: گورک ھل اٿارٽي جي چيئرمين جي چارج سياحت واري نگران صوبائي وزير حوالي ٿيل آھي، اٿارٽي جي قاعدن مطابق سياحت وارو وزير اٿارٽي جو وائيس چيئرمين ۽ تڪ جو ايم اين اي وري چيئرمين ھوندو آھي، پارليامينٽ جو مدو پورو ٿيڻ بعد رفيق جمالي اٿارٽي جي چيئرمين واري عھدي تان پاڻمرادو ھٽي ويو، جنهن بعد سياحت جو نگران وزير وقتي چيئرمين طور مقرر ٿيل آھي ـ