گورک سوڌو ڪاڇي جي 10 هزار ايڪڙ زمين گرين انيشيٽو حوالي: 5600 ايڪڙ جي ليز، باقي ايراضي لاءِ به خاڪو تيار
جنوري 6, 2025
جوھي ( رپورٽ: حاڪم لغاري ) سنڌ جي 52 هزار ايڪڙ زمين گرين انيشيٽو کي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏني پئي وڃي، انهي منصوبي تحت دادو ضلعي اندر گورک هل اسٽيشن سوڌو ڪاڇي جي 10 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ لاءِ تياريون مڪمل، 5600 ايڪڙ زمين هڪ با اثر شخص کي ڏني وئي آهي، باقي زمين لاءِ به شروعاتي خاڪو تيار ڪيو ويو آهي. ڪاڇي ۾ گورک ھل اسٽيشن، گاج ڊئم سميت جابلو پٽي ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا موجود آھن، ڪاڇي جي زمين گرين انيشيٽو کي ڏيڻ لاءِ ڪالهه ٽيم کي پهچي زمين جو جائزو وٺڻو هو ۽ سروي ڪرڻي هئي، جنهن لاءِ انتظام به ڪيا ويا هئا پر ٽيم نه پهتي. ان حوالي سان سنڌ حڪومت جي روينيو کاتي جي ايس او پاران 31 ڊسمبر تي جاري ڪيل ليٽر ۾ گرين پاڪستان جي ٽيم جي دوري لاءِ شيڊول جاري ڪيو ويو ويو هو، ليٽر مطابق ڊپٽي ڪمشنر دادو به پھرين جنوري تي جاري ٿيل ليٽر نمبر 01 مطابق ايس ايس پي دادو، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر، ايگزيڪيٽو انجنئير، آبپاشي اسسٽنٽ ڪمشنر دادو،جوھي، مختيارڪار دادو، جوھي کي ليٽر جاري ڪري ٽيم کي سيڪيورٽي ۽ سھولتون ڏيڻ جي ھدايت ڪئي هئي. پر ڪالهه شام تائين ٽيم نه پهچي سگهي هئي، جنهن لاءِ پوليس به الرٽ رهي، ڊي ايس پي جوھي نظير ملاح چيو ته پوليس الرٽ آھي شيڊول ڪٿي ڪٿي آھي ان بابت وزيٽر ايندا ته خبر پوندي. ڪاڇي ۾ زمين گرين پاڪستان ڪمپني کي ڏيڻ واري معاملي ۾ ڊپٽي ڪمشنر دادو سوشل ميڊيا ذريعي بيان جاري ڪرايو، جنهن ۾ چيو ويو ته گورک ھل اسٽيشن جي زمين ڏني وئي آھي، باقي ڪاڇي ۾ ڪٿي به زمين ڏيڻ جي خبرن ۾ ڪا به صداقت ناھي، ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر دادو جاري ڪيل ليٽر نمبر 01 تاريخ 01 جنوري جي سبجيڪٽ ۾ روينيو جي ايس او جي ليٽر جو حوالو ڏيندي روينيو عملدارن کي ڪمپني جي نمائندن کي مڪمل سھولتون فراھم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو هو، ليٽر جي سبجيڪٽ ۾ 52700 ايڪڙ زمين گرين انيشيٽو کي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ جو ڄاڻايل آھي. ذريعن موجب منصوبي تحت دادو ضلعي اندر گورک هل اسٽيشن سوڌو ڪاڇي جي 10 هزار ايڪڙ زمين ڏني ويندي، ذريعن موجب 5600 ايڪڙ زمين ليز تي هڪ با اثر شخص کي ڏني وئي آهي، جنهن ۾ گورک هل اسٽيشن به شامل آهي، باقي زمين لاءِ به شروعاتي خاڪو تيار ڪيو ويو، ذريعن موجب ڪاڇي جون 3 ديهون طوق قاسم، پٽ سليمان ون ۽ پٽ سليمان ٽو جي زمين ڏني ويندي. ذريعن موجب ديھن جا نقشا ايراضي جي ماپ جا پلان تيار ڪري روينيو کاتي کي ڏنا ويا آھن.