دادو ( رپورٽ : فتاح شيخ ) دادو ضلع جي سياسي صورتحال ۾ اوچتو ڊرامائي تبديلي ماڻهن ۾ بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي. سنڌ اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ ۽ نگران سيٽ اچڻ کانپوءِ نيب توڙي ايف آءِ اي پاران مبينا طور گورک هل اسٽيشن تي ترقياتي اسڪيمن جي مد ۾ 23 ، ارب جي مبينا ڪرپشن اسڪينڊل سان گڏ ڊسٽرڪٽ روڊس، پراونشنل هاءِ وي، پبلڪ هيلٿ، آبپاشي ۽ بلڊنگ کاتن ۾ مبينا طور اربن جي ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن، ٺيڪيدارن، توڙي سياسي ماڻهن جون لسٽون تيار ڪرڻ واري پڙاڏي کانپوءِ پ پ ضلعي صدر اڳوڻو ايم اين اي رفيق جمالي سميت ڪيترائي اڳواڻ ۽ آفيسر منظر تان غائب آهن
رفيق احمد جمالي جي ويجهن ساٿين جو چوڻ آهي ته رفيق جمالي، پنهنجي ڀاءِ سعيد احمد جمالي سميت پرڏيهه ويل آهي، جلد واپس ايندو،رفيق جمالي جو ڀاءُ زبير جمالي هڪ هفتو اڳ آمريڪا روانو ٿي ويو هو،ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت جتوئي سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن، دادو پهچي پارٽي ورڪر سکيو ماڇي ۽ ٻين سان تعزيتون ڪيون. لياقت جتوئي چيو آهي ته اسان جي دور ۾ گورک هل اسٽيشن تي بجلي، پاڻي پهچايو، اهو روڊ به اسان تعمير ڪرايو
رفيق جمالي حساب ڏي ته هن 23 ، ارب ڪٿي خرچ ڪيا، ڪڙو احتساب ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته اسان گورک هل اسٽيشن تي سياحن کي سهولتون مهيا ڪرڻ لاء هائوسنگ اسڪيم جو منصوبو جوڙيو ، جوهي ، واهي پانڌي جي ماڻهن کي مفت پلاٽ ڏئي اتي آباد ڪرڻ پئي چاهيو، هنن گورک تي رڳو جمن جمالي جي هوٽل ٺهرائي اربن جي ڪرپشن ڪئي، دادو ۾ سياسي تبديلي واري صورتحال بابت دادو جي سرڪاري آفيسن، نجي اوطاقن توڙي هوٽلن تي بحث جو موضوع بڻيل آهي