گوسڙو استادن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري، مختلف ضلعن ۾ 11 استاد برطرف

جُولاءِ 18, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڊيوٽي تان لاڳيتو غير حاضر رهندڙ 11 استاد برطرف ڪيو ويو آهي، اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

تعليم کاتي پاران گوسڙو استادن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، برطرف ڪيل استادن جو تعلق ڪراچي، نوشهروفيروز، دادو، ڄامشورو ۽ ڪنڌڪوٽ ضلعن سان آهي

برطرف ڪيل استادن ۾ ياسين ميمڻ، يوسف اعواڻ، جيسر لال، ماجد لاشاري ۽ شهنيلا شامل آهن، نوڪري وڃائيندڙ استادن ۾ عابده، امتياز ميمڻ، رابيلا مهر، سلطان احمد، بابر پرويز ۽ امتياز بانو به شامل آهن

Leave A Comment