گولڊن بوٽ جي ڊوڙ: ايمبابي وري ميسي کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو

گولڊن بوٽ جي ڊوڙ: ايمبابي وري ميسي کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو

نيويارڪ (اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ ۾ ايمباپي جو رڪارڊ ۽ انگلينڊ-فرانس ميچ جو احوالايمباپي ميسي کي پٺتي ڇڏي ڏنو، ورلڊ ڪپ ۾ نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏيميسي فائنل ۾ ايمباپي کان گولڊن بوٽ واپس ڦرڻ جي ڪوشش ڪندو.فرانس جي ڪپتان ڪيليان ايمباپي فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ هڪ ٻيو تاريخي سنگ ميل پار ڪندي ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ 22 گول ڪندڙ رانديگر بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. جيتوڻيڪ فرانس کي ٽئين نمبر جي پلي آف ۾ انگلينڊ هٿان 6-4 تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، پر ايمباپي ٻه گول اسڪور ڪري نه صرف پنهنجي ٽيم جي واپسيءَ جي اميد جاڳائي پر ليونل ميسي جو رڪارڊ به پٺتي ڇڏي ڏنو. فرانسيسي اسٽار ٽورنامنٽ ۾ پنهنجي گولن جو تعداد 10 ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ هو گولڊن بوٽ جي ڊوڙ ۾ به سڀ کان اڳتي ٿي ويو آهي. هاڻي نظرون فائنل تي آهن، جتي ارجنٽائن جو ليونل ميسي اسپين خلاف پنهنجي ممڪن طور آخري ورلڊ ڪپ ميچ ۾ ايمباپي کان گولڊن بوٽ واپس کسڻ جي ڪوشش ڪندو.