| گول ميز اجلاس: سنڌ سرڪار پاران برطانوي سيڙپڪارن ۽ ڪمپنين جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت برطانوي سيڙپڪارن ۽ ملٽي نيشنل ڪارپوريشنز کي پيش ايندڙ ريگيوليٽري ۽ آپريشنل معاملن کي حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي ڪالهه برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪميشن جي سهڪار سان سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ملٽي نيشنل ڪارپوريشنز ۽ يوڪي جي فرمز جو اعليٰ سطحي پاڪستان-يوڪي رائونڊ ٽيبل اجلاس ٿيو. جنهن ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته صوبائي انتظاميا سيڙپڪاري جي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، پبلڪ پرائيويٽ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ سنڌ کي عالمي سيڙپڪارن لاءِ بهتر ماحول جوڙڻ لاءِ پرعزم آهي، هن چيو ته رائونڊ ٽيبل جو مقصد صرف سيڙپڪارن جي خدشن کي ٻڌڻ نه پر کين عملي ۽ وقت جي پابند قدمن ذريعي حل ڪرڻ آهي،وڏي وزير چيو ته اسان جو ڌيان صرف نئين سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ناهي، اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ به پرعزم آهيون ته اسان جا موجوده سيڙپڪار ترقي ڪن ۽ سنڌ ۾ پنهنجون سرگرميون وڌائين. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سيڙپڪار اسان کي صرف ريگيوليٽرز نه پر ڀائيوار طور ڏسن، وڏي وزير چيو ته برطانوي ڪمپنين سيڙپڪاري، روزگار ، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ ڪارپوريٽ بهترين عملن ذريعي سنڌ جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبو ڪاروبار لاءِ کليل آهي، اسان برطانوي ڪمپنين تي اعتماد تي شڪر گذار آهيون، گڏيل احترام، سهڪار ۽ گڏيل خوشحالي ذريعي انهي شراڪتداري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.