| گوهاٽي ۾ آفريڪا جي محتاط بيٽنگ، 6 وڪيٽن تي 247 رنسون |
گوهاٽي(اسپورٽس نيوز) ڀارت خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا پهرين ڏينهن جي آخر تائين 6 وڪيٽن جي نقصان تي 247 رنسون ٺاهي ورتيون. گوهاٽي ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. محتاط بيٽنگ ڪندي، ڏکڻ آفريڪا چانهه جي وقفي تائين هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 82 رنسون ٺاهيون. ايڊن مارڪرم 38 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. چانهه جي وقفي کان فوري بعد رائن ريڪلٽن (35) به 82 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويو. ٽريسٽن اسٽبس ۽ ڪپتان ٽمبا باووما ٽئين وڪيٽ لاءِ 84 رنسون ٺاهيون. اسٽبس 49 ۽ باووما 41 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ٽوني ڊي زورزي به 28 ۽ ويان مولڊر 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. راند ختم ٿيڻ وقت سينوران متوسامي 25 ۽ ڪائل ويرين هڪ رنس ٺاهي ڪريز تي موجود هئا. ڀارت جي ڪلديپ ياديو 3، بمرا، سراج ۽ جڊيجا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.