گووندا سٺو مڙس ناهي، ايندڙ جنم ۾ سندس زال نه ٿيڻ چاهينديس: سنيتا

گووندا سٺو مڙس ناهي، ايندڙ جنم ۾ سندس زال نه ٿيڻ چاهينديس: سنيتا

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور ڀارتي اداڪار گووندا جي زال سنيتا چيو آهي ته گووندا سٺو پٽ، ڀاءُ ته آهي پر سٺو مڙس ناهي. ايندڙجنم ۾ سندس زال ٿيڻ پسند نه ڪنديس.  ڀارتي ميڊيا موجب سنيتا آهوجا پنهنجي زدواجي زندگي، گووندا جي ماضي جي غلطين ۽  هڪ اسٽار جي زال هجڻ جي ڏکياين تي کليلنموني ڳالهايو ۽ چيو ته انسان کو اهو ڄاڻڻ گهرجي ته پاڻ تي ڪيئن ڪنٽرول رکڻو آهي. جواني ۾ سڀ غلطيون ڪندا آهن، اسان ٻنهي به ڪيون پر هڪ عمر کان پوءِ غلطيون ڪرڻ سٺو نٿو لڳي. هن وڌيڪ چيو ته اختلافن باوجود سندن ٻارن سان محبت انهن کي مضبوط رکيو. گووندا جي سوچ الڳ ۽ منهنجي سوچ الڳ آهي. آئون اڄ صرف پنهنجي ٻارن جي محبت جي ڪري جيئري آهيان. هميشه محسوس ڪندي آهيان ته منهنجا ٻار صرف مون سان ئي پيار ڪندا آهن. سنيتا آهوجا موجب  گووندا هيرو آهي،هو زالن کان وڌيڪ هيروئنن سان وقت گذاريندو آهي. هڪ اسٽار جي زال ٿيڻ کان پوءِ عورت کي تمام گھڻو مضبوط ٿيڻو پوندو آهي. دل تي پٿر رکڻو پوندو آهي ۽ مون کي اها ڳالهه سمجهڻ ۾ 38 سال لڳي ويا.