| گووندا ۽ سنيتا آهوجا ۾ڊيل: طلاق جي درخواست واپس |
ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جو مشهور اداڪار گووندا ۽ سندس زال سنيتا آهوجا جي وچ ۾ طلاق جي خبرن کي ان وقت بريڪ لڳي ويو ، جڏهن سنيتا طلاق جي درخواست واپس ورتي. گووندا جي ٽيم سنيتا آهوجا پاران طلاق جو ڪيس واپس وٺڻ جي تصديق ڪري ڇڏي .ممبئي جي فيملي ڪورٽ ۾ سنيتا پنهنجي پٽ يشورڌن آهوجا سان گڏ پهتي، جنهن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر جوڙي جي شادي شده زندگي بابت اڳڪٿيون شروع ٿي ويون. عدالت مان واپسي تي پاپارازي سنيتا کان اتي اچڻ جو سبب پڇيو ته هن مسڪرائيندي مختصر جواب ڏنو، ”سالگرهه ملهائڻ آئي هيس. واضح رهي ته گووندا ۽ سنيتا آهوجا 1987ع ۾ شادي ڪئي. کين ٻه ٻار آهن. سندن ڌيءُ ٽينا آهوجا 37 سالن ۽ پٽ يشورڌن آهوجا 29 سالن جو آهي.