| گووندا ۽ سنيتا آھوجا ۾ تڪرار: انسٽاگرام تان ان فالو |
ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار گووندا کان ناراض سندس زال سنيتا آھوجا مڙس کي انسٽاگرام تي ان فالو ڪري ڇڏيو. ميڊيا مطابق گووندا جي نئين اداڪاره ڪومل راڻي سوارنڪر سان لاڳاپن جي افواهن بعد سنيتا اهڙو قدم کنيو، اطلاع آهن ته جوڙِو هڪٻئي کي سوشل ميڊيا تي فالو نه پيو ڪري ۽ نه ئي وري انهن ۾ ڇڪتاڻ ختم ٿيندي نظر پئي اچي واضح رهي ته سنيتا گووندا جي خاطرين تي طلاق جو ڪيس واپس وٺي چڪي هئي.انهي کان اڳ ٻنهي هڪٻئي خلاف بيان ڏنا هئا، سنيتا پاران طلاق جي درخواست واپس وٺڻ کانپوءِ ماڻهن کي لڳو ته شايد انهن جا اختلاف ختم ٿي ويا آهن. بعد ۾ سنيتا دعويٰ ڪئي ته هن ڪيس انهي ڪري واپس ورتو هو جو گووندا گرل فرينڊ ڪومل راڻي سان شادي ڪرڻ وارو هو، ٻئي طرف گووندا جي مينيجر سنيتا آھوجا جي ٻي شاديءَ واري دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته اهڙو ڪجھ به ناهي ۽ نه ئي اهڙو ڪجھ ٿيندو.