گوڙانو ڊيم خلاف درخواست 6 سالن بعد رد: فيصلو چيلينج ڪرڻ جو اعلان

جُون 16, 2023

ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گوڙانو ڊيم خلاف داخل ڪرايل درخواست 6 سالن کانپوءِ رد ڪري ڇڏي، مختلف ليبارٽرين جي رپورٽس سان تصديق نه ٿي سگهي، درخواست گذار ٻه رڪني بئنچ جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عقيل احمد عباسي جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بئنچ فيصلو ٻڌايندي گوڙاڻو ڊيم جي رٿا خلاف 2017 ۾ داخل ڪرايل  درخواست رد ڪري ڇڏي

 جسٽس عقيل عباسي ريمارڪس ڏيندي چيو ته گوڙانو ڊيم جي رٿا سان ماحول تي هاڃيڪار اثر پوڻ جون ڪي به شاهديون ثابت نه ٿي سگهيون آهن، درخواست گذارن پاران گوڙانو ڊيم جي ماحول تي هاڃيڪار اثرن بابت ڪجهه تصويرون۽ بيان جمع ڪرايا ويا پر ان سان ڪي به ثابتيون نه ٿيون آهن

عدالت موجب جڏهن ته ليبارٽري جي رپورٽس ۽ سنڌ ڪول اٿارٽي جي شاهدين مان ماحول تي خراب اثرن جي به تصديق نه ٿي سگهي آهي

 سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ گوڙانو ڊيم خلاف 2017 کان داخل ڪرايل ڪيس اڪلائي ڇڏيو

هوڏانهن عدالتي فيصلي کي رد ڪندي درخواست گذار ليلا رام جو چوڻ هو ته 2 رڪني بينچ ڪيتريون ئي حقيقتون نظر انداز ڪيون آهن، اسان عدالتي فيصلي کي چئلينج ڪنداسين

 واضح رهي ته درخواست گذار پاران اي پي اي سنڌ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سميت وائيلڊ لائيف حيدرآباد جي ڊپٽي ڪنزرويٽر غلام سروس جمالي کي ڌر بڻايو ويو هو، جڏهن ته عدالتي حڪم تي اڳوڻي ڪمشنر حيدرآباد آصف حيدر شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي جو پڻ جوڙي وئي هئي، ڪميٽي جي ميمبرن جاچ پڙتال ڪري ٻن مهينن اندر رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي هئي

Leave A Comment