گوگل ميپس تي مليل عجيب بناوٽ 39 ڪروڙ سال پراڻي نڪتي

گوگل ميپس تي مليل عجيب بناوٽ 39 ڪروڙ سال پراڻي نڪتي

ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) گوگل ميپس کي ماڻهن پاران مختلف جڳهن تي پهچڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.ان تي ڪيتريون ئي عجيب شيون پڻ ماڻهن دريافت ڪيون آهن، جئين ڏهاڪن پراڻا ڪيس ان جي مدد سان حل ڪيا ويا.پر ڪئناڊا ۾ هڪ شخص گوگل ميپس جي مدد سان ڪروڙين سال اڳ سياري (Asteroid) جي ٽڪرائجڻ سان ٺهيل کڏي کي دريافت ڪيو. جوئيل لاپونيٽ نالي شخص هيءَ دريافت 2024ع ۾ ڪئي هئي، پر هاڻي سائنسدانن ان جي تصديق ڪئي آهي. ان وقت جوئيل لاپونيٽ ڪئناڊا جي صوبي ڪيوبيڪ ۾ واقع مارسال ڍنڍ جي آسپاس ڪئمپنگ ٽرپ جي منصوبابندي ڪئي هئي. اتي وڃڻ کان اڳ هن گوگل ميپس ذريعي علائقي جو جائزو ورتو ته هن ڍنڍ ويجهو هڪ کڏي کي دريافت ڪيو جيڪو ڏاڍو عجيب لڳو. هن اندازو لگايو ته ان کڏي جو قطر 15 ڪلوميٽر آهي، پر ان جي بناوت اهڙي آهي جنهن مان اشارو ملي ٿو ته اها قدرتي طور ناهي ٺهي. ان کان پوءِ هن ان جي چوڌاري جبلن کي ڏٺو جيڪي 8 ڪلوميٽرن جي پکيڙ تي هيون. هن پنهنجي دريافت جا تفصيل  فرانس جي هڪ سائنسدان سان ويچاريا، جنهن بعد ان جو تجزيو ڪيو ويو ۽ ان ۾ زرگون نالي منرل دريافت ڪيو ويو، جيڪو اڪثر سياري جي ٽڪرائجڻ سان ٺهندو آهي، پر صرف ان کي سياري جي ٽڪرائجڻ جو ثبوت نٿو قرار ڏئي سگهجي. پوءِ سائنسدانن جي هڪ ٽيم ان کڏي جو پاڻ دورو ڪيو. ويسٽرن يونيورسٽيءَ جي ٽيم علائقي جو جائزو ورتو ۽ محققن موجب اسان اتي سياري جي ٽڪرائجڻ جا ثبوت ڳوليا. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته عام طور تي انهن جي ڳولا ڪافي ڏکي هوندي آهي ۽ ليبارٽريءَ ۾ نمونن جي چڪاس ڪرڻي پوندي آهي. پر تحقيقي ٽيم جيڪا هڪ شئي اتي پنهنجي اکين سان ڏٺي، اها جبل جي سطح تي موجود لڪيرون هيون جيڪي سطح تي شاڪ ويووز مان ٺهن ٿيون. نمونن جي تجزيي مان ثابت ٿيو ته هي کڏو 39 ڪروڙ سال اڳ ٺهيو هو.