گوگل پاران صحافين لاءِ آرٽيفشل انٽيليجنس ٽولز تيار ڪرڻ جو اعلان

جُولاءِ 21, 2023

ڪراچي (زوهيب سومرو) گوگل نيوز پبلشرز لاءِ هڪ آرٽيفشل انٽيليجنس ٽول تيار ڪري رهيو آهي، جيڪو نه رڳو آرٽيڪل جو متن لکي سگهندو، پر هيڊنگ به ٺاهي ڏيندو، اِن  مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته صحافتي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي ڪيئن جلدي انقلابي تبديليون آڻي رھي آھي

گوگل ڪمپني پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته  اها نيوز روم ۾ هٿرادو ذهانت جي اوزارن کي استعمال ڪرڻ لاءِ خبرن جي هڪ اداري سان ڀائيواري ڪرڻ گهري ٿي

گوگل ترجمان جو چوڻ آهي ته ائين سمجهو اسان هڪ اهڙو مددگاري ٽول ٺاهي رهيا آهيون، جيڪو جي ميل ۽ گوگل ڊوڪس ۾ دستياب هوندو

اسان جو مقصد صحافين کي اُڀرندڙ ٽيڪنالوجي جا ٽول مهيا ڪرڻ آهي، ته جيئن اُهي ڪم کي تڪڙو اُڪلائڻ سان گڏ پنهنجون تخليقي صلاحيتون وڌائڻ جو موقعو حاصل ڪري سگهن

سي اين اين جي هڪ رپورٽ موجب صحافتي شعبي لاءِ اهڙن ٽولز جي ڪوششن جي باري ۾ پهريون ڀيرو نيو يارڪ ٽائيمز رپورٽ ڪيو هو ته ”جينيسز نالي منصوبي کي ٽائيمز، واشنگٽن پوسٽ ۽ نيوز ڪور آڏو پِچ ڪيو ويو آهي

جيتوڻيڪ گوگل ڪمپني اداري جو نالو ظاهر نه ڪيو آهي، پر خيال ڪيو وڃي ٿو ته ڪمپني اهڙن ٽولز لاءِ ننڍن نيوز پبلشرز تي توجهه ڏئي رهي آهي

Leave A Comment