گيت چور: ڪرن جوهر جي نئين فلم خلاف 10 ڪروڙن جي دعويٰ

  گيت چور: ڪرن جوهر جي نئين فلم خلاف 10 ڪروڙن جي دعويٰ

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي فلمسازڪرن جوهر جي نئين فلم“تو ميري مين تيرا، مين تيرا تو ميري” رليز ٿيڻ کان اڳ ئي تڪرار جي ورچڙهي وئي، فلم خلاف ڪاپي رائيٽ جي الزامن تي ممبئي هاءِ ڪورٽ ۾ 10 ڪروڙن جي دعويٰ داخل ڪئي وئي آهي. رپورٽن موجب، مشهور پروڊڪشن هائوس تريمورتي فلمز ڪرن جوهر جي ڌرما پروڊڪشن تي 1992ع  جي مشهور گيت ‘سات سمندر پار’ جي ڪاپي جو الزام لڳايو ويو آهي.تريمورتي فلمز دعويٰ ڪئي آهي ته فلم ۾ سندن اجازت بنا گيت جا لفظ ۽ شاعري استعمال ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب  “تو ميري مين تيرا، مين  تيرا تو ميري” 25 ڊسمبر تي رليز ٿيندي، جنهن جو ٽريلر اڳ ۾ ئي رليز ٿي چڪو آهي. واضح رهي ته 1992ع ۾ رليز ٿيل گيت ‘سات سمندر پار’ فلم وشوتما ۾ شامل ڪيو ويو هو، ساڌنا سرگم جو اهو گيت ديويا ڀارتي تي فلمايو ويو هو،