گيلاني خاندان، راجا پرويز ، ڪائرا ۽ چن سامهون اميدوار نه بيهاريو: پ پ نوازليگ آڏو مطالبا رکي ڇڏيا: زرداري نواز ملاقات جي اندروني ڪهاڻي

جُون 27, 2023

دبئي (پنهنجي ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان دبئي ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ پ پ نواز ليگ آڏو سيٽ ايڊجسٽمينٽ ۽ گيلاني خاندان، راجا پرويز ، ڪائرا ۽ نديم افضل سامهون اميدوار نه بيهارڻ جا مطالبا رکي ڇڏيا آهن، جڏهن ته   قومي اسيمبلي ٽوڙڻ، نگران سيٽ اپ ۽ چونڊن تي ڳالهيون ڪيون ويون

ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جون ابوظهبي ۾ خاص ملاقاتون جاري آهن، پاڪستان جي سياسي ۽ معاشي حالتن تي ڊگهي ويهڪ ٿي جڏهن ته مسلم ليگ نون جي چيف آرگنائيزر مريم نواز سان اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي، مريم نواز خصوصي ميٽنگز ۾ پ پ قيادت کي اعتماد ۾ ورتو، ان کانپوءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وچ ۾ به ڊگهي ملاقات ٿي، جنهن دوران قومي اسيمبلي ٽوڙڻ، نگران سيٽ اپ، چونڊن ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي ڳالهيون ٿيون

ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين ملاقات جو سيشن مڪمل ٿيڻ بعد رات جو ٻيهر ملاقات رٿي وئي جنهن ۾ عام چونڊون نومبر ۾ ڪرائڻ لاءِ مشاورت جو معاملو طئي ڪيو ويو

هي به پڙهندا

 هوڏانهن دبئي ۾ پ پ ۽ ن ليگ جي اعليٰ قيادت وچ ۾ ٿيندڙ ملاقاتن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، ذريعن موجب پ پ ن ليگ کان پنجاب سميت ٻين صوبن ۾ سيٽون گهري ورتيون آهن، گيلاني خاندان، راجا پرويز اشرف، قمر زمان ڪائرا ۽ نديم افضل چن سميت ڪجهه ٻين تڪن ۾ ن ليگ اميدوار نه بيهاريندي

ذريعن موجب شهباز شريف به لنڊن کان دبئي پهچندو ۽ اڳتي ٿيندڙ ملاقاتن ۾ موجود هوندو، دبئي ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ نگران وزيراعظم جو نالو به فائنل ڪيو ويندو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ٻئي جماعتون چونڊن جي تاريخ به ان ئي ملاقات دوران فائنل ڪنديون، جڏهن ته اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ جي معاملي تي به غور ڪيو ويندو، اسيمبلي وقت کان اڳ ٽوڙڻ سان سياسي جماعتن کي چونڊ مهم لاءِ وقت ملي سگهندو

 ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ جا ڪجهه مرڪزي اڳواڻ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ دبئي ويندا، استحڪام پاڪستان ۽ ق ليگ کي ڪيترين سيٽن تي ايڊجسٽ ڪرڻو آهي، ان تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي

Leave A Comment