| گيم جون ڊسڪون اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش، جوابدار گرفتار |
هانگ ڪانگ(انٽريسٽنگ نيوز) هانگ ڪانگ ۾ گيم جون ڊسڪون اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، ايئرپورٽ تي ڪسٽم اهلڪارن ڪجهه مسافرن کي روڪي ورتو، تلاشي دوران چيلهه سان ٻڌل 184 گيم جون ڊسڪون مليون، ايئرپورٽ تي ڪسٽم اهلڪارن شڪ پوڻ تي ڪجهه مسافرن کي روڪي ورتو، جيڪي ڪجهه ڊنل نظر اچي رهيا هئا، انهن جي تلاشي ورتي وئي، ته چيلهه سان 184 گيم جون ڊسڪون ٻڌل هيون، ڪسٽم عملدارن کين گرفتار ڪري ورتو، جاچ دوران انهن اعتراف ڪيو ته هو اهي ڊسڪون پئسن جي بدلي ۾ اسمگل ڪري رهيا هئا.اهڙي ڪم لاءِ فيس ملي هئي.