گٽڪا، ماوا، مين پڙي منشيات قرار: سزا ۾ واڌ

گٽڪا، ماوا، مين پڙي منشيات قرار: سزا ۾ واڌ

ڪراچي: سنڌ ڪابينا سنڌ ڪنٽرول آف نارڪوٽڪ سبسٽينسز (ترميمي) بل 2026 جي منظوري ڏئي ڇڏي. جنهن جو مقصد گٽڪا، ماوا، مين پڙي ۽ ٻين نقصانڪار شين جي تياري، وڪري، قبضي ۽ چرپر خلاف قانوني ڪارروائي کي سگهارو ڪرڻ آهي، ڄاڻايل قانونسازي تحت گٽڪا، ماوا ۽ مين پڙي کي شيڊيول-IVتحت پابندي پيل شيون قرار ڏنو ويو آهي ،جنهن سان انهن کي منشيات ۽ نفسياتي شين سان گڏ هڪ مضبوط ريگيوليٽري ۽ نفاذ واري فريم ورڪ تحت آندو ويو آهي، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته  قانون جو نالو تبديل ڪري ”سنڌ ڪنٽرول آف نارڪوٽڪس اينڊ ريسٽرڪٽڊ سبسٽينسز ايڪٽ 2024“ رکيو ويندو. ترميم ٿيل قانون انهي شين رکڻ ۽ اسمگلنگ لاءِ مقدار جي بنياد تي سزا جو نظام متعارف ڪرائي ٿو. 5ڪلوگرام تائين ڇهن مهينن تائين قيد ۽ 50,000 رپيا ڏنڊ جي سزا ٿي سگهي ٿي. پنجن کان 25 ڪلوگرام جي مقدار لاءِ سزا هڪ سال قيد ۽ 200,000 رپين تائين ڏنڊ تائين وڌي سگهي ٿي. 25 کان 100 ڪلوگرام جي صورت ۾ ٽن سالن تائين قيد ۽ 500,000 رپين تائين ڏنڊ جي سزا هوندي.