| گٽڪو سگريٽ کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي: جسٽس حسن رضوي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت گٽڪا ايڪٽ خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي، جسٽس حسن رضوي جي سربراهي ۾ ٻن ڄڻن واري بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جسٽس حسن رضوي چيو ته گٽڪو انسان جي صحت لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي، هي سڙيل سوپارين مان تيار ڪيو ويندو آهي ۽ سگريٽ کان به وڌيڪ نقصان ڏيندڙ آهي۔ گٽڪو منهن جي ڪينسر جو وڏو ڪارڻ آهي ۽ اسپتالن ۾ گٽڪي جا مريض هاڻي عام ٿي چڪا آهن۔ ٻڌڻي دوران وڪيل شاهه خاور ٻڌايو ته هن کي پنهنجي موڪل طرفان اپيل بابت ڪا هدايت ناهي ملي، جنهن تي جسٽس حسن رضوي چيو ته ضرورت پوڻ تي موڪل کي عدالت ۾ طلب ڪري اهو ئي گٽڪو کارائي سگهجي ٿو. عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد درخواست خارج ڪري ڇڏي.