گپچاڻي: بجلي جو ٿنڀو مٿان ڪِرڻ سبب نينگري فوت

جُولاءِ 19, 2023

گپچاڻي (رپورٽر) گپچاڻي ڀرسان بجلي جو ٿنڀو مٿان ڪرڻ سبب 12 ورهين جي نينگري لقمه کوکر فوت ٿي وئي

 ڳوٺ علي بخش کوکر ۾ نينگري لقمه ڌيءُ عرفان کوکر راند کيڏي رهي هئي ته زبون بڻيل ٿنڀو مٿس ڪِري پيو

نينگر کي زخمي حالت ۾ نواب شاهه اسپتال نيو ويو جتي هوءَ فوت ٿي وئي، ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو

Leave A Comment