ڊاڪٽر جي اوطاق ۾ ڌاڙو: هٿياربند سامان گهر ڌڻي جي ٽريڪٽر ۾ کڻي ويا

جُون 8, 2023

 گپچاڻي ( ن پ و)  گبچاڻي ويجهو هٿياربند ڊاڪٽر جي گهر تي ڪاهه  ڪري لکين رپين جو ڌاڙو هڻڻ بعد ٽريڪٽر به ڪاهي ويا، مزاحمت تي ڪمدار کي زخمي ڪري ڇڏيو

هٿياربندن ڊاڪٽر بهادر کيڙو جي اوطاق تي ڪاهه ڪئي، ڪمدار حاجي خالد حسين جمالي کي يرغمال بڻائي، سولر پليٽون ۽ بيٽريون اوطاق ۾ بيٺل ٽريڪٽر ۾ وجهي ڪاهي هليا ويا

ڪمدار خالد حسين جمالي  جو چوڻ آهي ته هٿياربندن سان مزاحمت ڪئي جن مون کي تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو جنهن بعد اهي سولر پليٽون ۽ بيتريون کڻي هليا ويا

واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي تفصيل ورتا جنهن بعد ڏوهه جي حوالي سان جاچ شروع ڪئي وئي

Leave A Comment