گپچاڻي ويجھو بااثرن ڀريو ڀيل جو لاش قبرستان ۾ دفنائڻ نه ڏنو؛ پوليس به بيوس
نومبر 22, 2023
گپچاڻي (رپورٽ: نزاڪت گپچاڻي) گپچاڻي ويجھو بااثرن پيرسن جو لاش قبرستان ۾ دفنائڻ نه ڏنو؛ ٿاڻي آڏو ڌرڻو ، ان ڏس ۾ گپچاڻي ڀرسان رھندڙ قديمي رھواسي ڀيل برادري جو پيرسن ڀريو ڀيل فوت ٿي ويو، جنھن کي سندس وارث مقامي قبرستان ۾ قبر کوٽڻ ويا ته بااثر اعتراض ڪندي قبر کوٽڻ کان جواب ڏئي کين موٽائي ڇڏيو، جنهن بعد فوتي جي وارثن ڌنو ڀيل، مصري مانجھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاش گپچاڻي ٿاڻي آڏو رکي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين دانيهندي چيو ته اسين وڏي عرصي کان ھتي رھون ٿا، بااثر پيرسن جي لاش کي دفنائڻ نه ٿا ڏين، اسانجا وڏڙا ھن قبرستان ۾ دفن ٿيل آھن، انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف ايس ايچ او گپچاڻي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري لاش ساڳئي قبرستان بدران چيزل آباد اسٽاپ لڳ لاش کي پنھنجي نگراني ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرايو، ھوڏانھن الزام ھيٺ آيل خاصخيلي برادري جي اصغر ٻڌايو ته قبرستان اسان جو آهي، جنهن ڪري اسان اعتراض ڪيو.
ڀيل هجڻ ڪري بااثرن لاش دفنائڻ نه ڏنو: ڌنو ڀيل
گپچاڻي : فوتي ڀريو ڀيل جي پٽ ڌنو ڀيل پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته عمر شاھ قبرستان ۾ اسان جون 3 پيڙھيون دفن ٿيل آھن، ڄاڻايل قبرستان سرڪاري آھي، جڏھن ته بااثر اسان کي لاش دفن ڪرڻ نه ڏنو آهي.
خاصخيلي برادري جي ماڻهن لاش دفنائڻ نه ڏنو، جنهن بعد ٻي قبرستان ۾ تدفين ڪرائي: ايس ايچ او
گپچاڻي : ايس ايچ او گپچاڻي موجب ته خاصخيلي برادري جي ماڻھن ڏي وياسين، انھن چيو ته قبرستان اسان جو آھي اسان ھن کي ھتي دفن نه ڪرڻ ڏينداسين، جنھن بعد لاش جي چيزل آباد لڳ پهلوان رند ۾ تدفين ڪرائي آھي.
غير مسلم کي مسلمانن جي قبرستان ۾ دفن نٿو ڪري سگھجي: اصغر خاصخيلي
گپچاڻي: اصغر خاصخيلي ٻڌايو ته ڄاڻايل قبرستان اسان جي زمين ۾ آھي، ھڪ غير مسلم کي مسلمانن جي قبرستان ۾ دفن نٿو ڪري سگھجي، اھا مولوين پڻ فتويٰ آھي.