| گپچاڻي: گٽڪا مافياخلاف ڪارروائي: 2 گرفتار: هڪ جوابدار کي شهرين ڇڏائي ورتو |
گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي ۾گٽڪا مافياخلاف ڪارروائي: 2 گرفتار: هڪ جوبدار کي شهرين ڇڏائي ورتو: 9 ڄڻن تي ڪيس داخل، ان ڏس ۾ سي آءِ اي نوابشاھ گپچاڻي جي ٻن ڪيبنن تي چڙھائي ڪري ھڪ ڄڻي عامر کي گرفتاري ورتو، جڏھن ته شهرين کنڀيل ذوالفقار گپچاڻي کي پوليس کان ڇڏائي ورتو، سي آءِ اي پوليس گپچاڻي ٿاڻي تي 9 ڄڻن عامر علي، ذوالفقار گپچاڻي، ڪامران گپچاڻي، وسيم گپچاڻي، پرويز گپچاڻي، نعيم گپچاڻي، لعل بخش پڃارو ۽ ٻين خلاف ڊيوٽي اٽڪاء جو ڪيس داخل ڪرايو آھي، ايف آءِ آر موجب گپچاڻي ۾ ذوالفقار گپچاڻي گٽڪا سوپاريون وڪرو رھيو ھو،کيس گرفتار ڪري رھيا ھئاسين ته جوابدارن ڊيوٽي ۾ مداخلت ڪري کين فرار ڪرائي ڇڏيو،رات دير سان سي آءِ اي پوليس گرفتار ڪيل عامر بروھي کي ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪري ڇڏيو