| گڊز ٽرانسپورٽرن پاران ڀاڙن ۾ وڌيڪ 5سيڪڙو واڌ جو اعلان: ٻيهر هڙتال جو چتاءُ |
ڪراچي (رپورٽ: الطاف چنا) آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي گڊز ڀاڙن ۾ وڌيڪ 5 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وڊيو بيان ۾ هن چيو ته چئن ڏينهن دوران ڊيزل جي في لٽر اگهه ۾ 20 ۽ پيٽرول اگهه ۾ 24 رپيا واڌ ٿي آهي. هن چيو ته انهي کان اڳ 20 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر تائين ڊيزل ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ في لٽر 23 رپيا واڌ ڪئي وئي هئي، جنهن تي گڊز ٽرانسپورٽرن 5 سيڪڙو ڀاڙا وڌايا هئا، هن چيو ته حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ روزاني بنياد تي تبديلي جو فيصلو ناقابل قبول آهي، جنهن کي فوري طور واپس ورتو وڃي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ٽرانسپورٽرن سان ڪيل معاهدن تي عمل نه ڪيو ته گڊز ٽرانسپورٽر ٻيهر ملڪ گير هڙتال ڪندا.