گڊز ٽرانسپورٽرن پاران  ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جو اعلان

گڊز ٽرانسپورٽرن پاران  ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ وفاقي حڪومت پاران پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌ تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته انهي سان ٽرانسپورٽ جي شعبي تي معاشي بار وڌي رهيو آهي، هن چيو ته 17 ڏينهن دوران ڊيزل جي قيمت ۾ 19  ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 20 رپيا 36 پئسا في لٽر واڌ ٿي آهي، اسان مجبوري وچان گڊر ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ رڳو 5 سيڪڙو    واڌارو ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن 40 ڏينهن جو وقت گهريو هو، مقرر مدي دوران مطالبن تي اثرائتي اڳڀرائي نه ٿي ته گڊز ٽرانسپورٽرز ٻيهر ملڪ گير هڙتال ڪندا