| گڊز ٽرانسپورٽرن ۽ سرڪار ۾ ڳالهيون ڪامياب: هڙتال ختم: مطالبا به منظور |
ڪراچي (رپورٽ: الطاف چنا)پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي 10ڏينهن کان هلندڙ احتجاج رنگ لاتو، وفاقي، صوبائي پنجاب ۽ سنڌ حڪومت ۾ ڳالهيون ڪامياب ٽرانسپورٽ کاتي پنجاب جي وزير بلال اڪبر، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪياماڙي ٽرانسپورٽرن جي احتجاجي ڪيمپ پهچي احتجاج ختم ڪرايو. ان ڏس ۾ گڊز ٽرانسپورٽرز الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ چيو آهي ته ٽرانسپورٽ برادري هميشه پرامن رهي آهي، اسان ڪڏهن به قانون هٿ ۾ نه کنيو آهي. هن چيو ته وفاقي، پنجاب ۽ سنڌ حڪومتن ٽرانسپورٽرن جا جائز مطالبا تسليم ڪيا آهن، جنهن بعد اسان هڙتال ختم ڪريون پيا، هن چيو ته ڊرائيورن ۽ ٽرانسپورٽرن جي اتحاد سبب حڪومتن کي ڳالهين تي مجبور ٿيڻو پيو. هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿي ته ٻيهر احتجاج ڪيو ويندو.ان موقعي تي پنجاب جي صوبائي وزير بلال اڪبر خطاب ڪندي چيو ته غير ضروري ڏنڊ ۽ ڪيس ختم ڪيا ويا آهن، ڊرائيورن کي لائسنس جاري ڪيا ويندا، ٽرڪ اسٽينڊ ۽ آرام لاءِ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته ايل ٽي وي کان ايڇ ٽي وي لائسنس جو معاملو ڪابينا ۾ آندو ويندو، جڏهن ته ناردرن باءِ پاس تي ٽرڪ اڏي لاءِ 350 ايڪڙ زمين مختص ڪئي وئي آهي.