گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد پاران اڻڄاڻايل مدي تائين هڙتال شروع: روڊ بلاڪ نه ڪرڻ جو فيصلو

گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد پاران اڻڄاڻايل مدي تائين هڙتال شروع: روڊ بلاڪ نه ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽ: الطاف چنا) آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد پاران اڻڄاڻايل مدي تائين هڙتال شروع، روڊ بلاڪ نه ڪرڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد ۽ مختلف ٽرانسپورٽرز ايسوسيئيشنز جي اڳواڻن ملڪ شهزاد اعواڻ، غلام ياسين، ملڪ شير ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي  ته  حڪومت ٽرانسپورٽرز کي ملڪ گير ڦيٿا روڪ هڙتال تي مجبور ڪيو آهي، هن وقت 3 لک مال بردار گاڏيون بند آهن، سومر کان نئين لوڊنگ مڪمل بند رهندي، هنن پيٽروليم واري وفاقي وزير ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز سميت لاڳاپيل اختيارين کان استعيفائن جو مطالبو ڪندي چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي مال بردار گاڏين ۽ ڊرائيورن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. اڳواڻن پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ روزاني بنيادن تي واڌ واري طريقيڪار کي رد ڪندي ٻارڻ جي قيمتن ۾ فوري گهٽتائي جو مطالبو ڪيو. هنن ٽول ٽيڪس ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس ۾ رعايت، نيشنل هاءِ ويز ۽ ٽريفڪ پوليس پاران ڊرائيورن کي بناجواز تنگ ڪرڻ جو سلسلو بند ڪرڻ، ڳرن اي چالانن ۾ گهٽتائي ۽ بنا رشوت ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو. هنن مال بردار گاڏين لاءِ مناسب پارڪنگ ايريا مختص ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ويو. ملڪ شهزاد اعواڻ چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون ٿيون پر ٽرانسپورٽرز جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو ويو. گذريل اٺن مهينن کان رڳو خاطريون مليون آهن، وفاقي حڪومت سومر تي ڳالهين لاءِ گهرايو آهي، اجلاس بعد ايندڙ حڪمت عملي جي اعلان تائين هڙتال جاري رهندي هن خبردار ڪيو ته ايندڙ ٻن ڏينهن اندر حڪومت مطالبا تسليم نه ڪيا ته گورنر ۽ وزيراعليٰ هائوسز ڏانهن مارچ ڪيو ويندو.