گڊو بئراج وٽ وچين درجي جي ٻوڏ: هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ

جُولاءِ 30, 2023

گڊو/ڏهرڪي (رپورٽر) گڊو بئراج وٽ وچين درجي جي ٻوڏ اچي وئي جنهن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن

پنجاب مان ٻوڏ جو پاڻي اچڻ سبب گڊو بئراج وٽ وچين درجي جي ٻوڏ برقرار  آهي جنهن سبب گڊو ڪشمور جا ھيٺاھين وارا علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن

آبپاشي کاتي جي انگن اکرن موجب گڊو وٽ گذريل 22 ڪلاڪن دوران گڊو بئراج ۾ 56 ھزار 571 ڪيوسڪ پاڻي جي واڌ ٿي آھي

گڊو بيئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 67 ھزار 457 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 4 لک 50 ھزار 217 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي

Leave A Comment