| گڊو بعد سکر بئراج وٽ به وچولي درجي جي ٻوڏ: تربيلا ڊيم ڀرجڻ جي گنجائش 13 فوٽ رهجي وئي |
سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) گڊو بيراج کان پوءِ سکر بيراج وٽ به وچولي درجي جي ٻوڏ ٿي ويئي. تربيلا ڊيم ڀرجڻ جي گنجائش 13 فوٽ رهجي ويئي. تفصيل موجب ڪالهه شام جو سکر بيراج وٽ پاڻيءَ جي سطح وڌڻ بعد وچولي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي ويئي آهي. ڪالهه سکر بيراج جي مٿاهين پاسي پاڻي وهڪرا 3 لک 69054 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيا ويا. جڏهن ته هيٺاهين پاسي 3 لک 12174 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيا ويا. جڏهن ته گڊو بيراج وٽ وچولي ٻوڏ برقرار آهي ۽ اڄ پاڻي ۾ وڌيڪ لاٿ جا امڪان آهن. گڊو بيراج وٽ ڪالهه مٿاهين پاسي 3 لک 96993 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهين پاسي 3 لک 56938 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. گڊو ۽ سکر وچ ۾ پاڻي ڪچي جي علائقي ۾ ڦهلجي ويو آهي. جڏهن ته سکر بيراج جي هيٺاهين پاسي به پاڻي ڪچي جي علائقن ۾ ڦهلجي ويو آهي. هوڏانهن ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي وهڪرا وڌي رهيا آهن.84788 ۽ هيٺاهين پاسي 41083 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪئي ويئي. تونسا ۽ پنجنند وٽان وهڪرا گهٽجڻ بعد سنڌ ۾ به وهڪرا گهٽجڻ جا امڪان آهن. ٻي پاسي تربيلا ڊيم ۾ پاڻي سطح 1537 فوٽ تي پهچي ويئي آهي ۽ ڊيم ۾ ڀرجڻ جي گنجائش رڳو 13 فوٽ بچي آهي. ڪالاباغ ۽ چشما بيراجن وٽ هيٺاهين درجي جي ٻوڏ آهي.