گڊو: مرغي ۽ ڪٻاڙ جي دڪان ۾ ڌماڪو ٿيو، هڪ ڄڻو اجل جو شڪار، پورهيت زخمي
ڊسمبر 19, 2023
گڊو (رپورٽ: محمد علي ڪلوڙ) گڊو ۾ مرغي ۽ ڪٻاڙ جي دڪان ۾ ڌماڪو ٿيو، هڪ ڄڻو اجل جو شڪار ٿي ويو، پورهيت زخمي ٿي پيو
گڊو جي مين بازار ۾ مرغي ۽ ڪٻاڙ جي دڪان ۾ ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو اجل جو شڪار ٿي ويو ۽ هڪ پورهيت زخمي ٿي پيو
ڪٻاڙ ڪڍڻ دوران ڌماڪي ۾ دڪان مالڪ امان الله پٺاڻ اجل جو شڪار ٿي ويو، جڏهن ته پورهيت عبدالله سولنگي زخمي ٿي پيو
گڊو پوليس واقعي واري هنڌ پھچي دڪان کي سيل ڪري ڇڏيو ، ڌماڪو ڪيئن ٿيو، ڌماڪو ڇا جو، ان بابت پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي