گڊ ٽو سي يو، گهٻرائڻو ناهي: چيف جسٽس بنديال جو اٽارني جنرل سان مڪالمو

مَي 24, 2023

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي پنجاب چونڊ تي نظرثاني واري درخواست تي ٻڌڻي جاري آهي

اٽارني جنرل روسٽرم تي اچي چيو ته آئون ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو ڪالهه عدالت پاران ڪجهه رمارڪس ڏنا ويا ته اليڪشن ڪميشن جا اهي نقطا پهريان ڇو نه اٿاريا ويا ٻي ڳالهه اها چئي وئي ته وفاقي حڪومت پهريان ٽئي چار جي چڪر ۾ پيل رهي

اٽارني جنرل چيو ته جيڪڏهن صوبي ۾ چونڊون ٿيون ته قومي اسيمبلي جي چونڊ متاثر ٿي سگهي ٿي  پنهنجي جواب ۾ ٽئي چار جو فيصلو ٿيڻ جو ذڪر به ڪيو ويو هو

چيف جسٽس اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان اوهان کي ڀليڪار چئون ٿا گڊ ٽو سي يو

چيف جسٽس اٽارني جنرل کي چيو ته اوهان گهٻرائي ڇو رهيا آهيو؟ اوهانکي گهٻرائڻو ناهي عدالت اوهان جي ٻڌڻي لاءِ ويٺي آهي ڪوئي نئون نقطو اٿاريو ويو ته جائزو وٺي فيصلو ڪنداسين عدالت ۾ نقطواٿاريو ويو پر ان تي بحث نه ڪيو ويو

چيف جسٽس چيو ته آئون ته مرسڊيز استعمال ئي ناهيان ڪندو پوليس عمران خان لاءِ مرسڊيز جو استعمال ڪيو هو ان ڳالهه جو خبر ناهي ڇا مطلب ورتو ويو چيو ويو ته سپريم ڪورٽ عمران کي پيشي لاءِ مرسڊيز ڏني

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سجيل سواتي روسٽرم تي اچي چيو ته عدالت سدائين آئين جي تشريح زنده دستاويز طور ڪندي آهي انصاف جو حتمي ادارو سپريم ڪورٽ آهي ان لاءِ دائري ڪار محدود نٿو ڪري سگهجي

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته مڪمل انصاف ۽ آرٽيڪل 190 جو اختيار ڪنهن ٻي عدالت کي ناهي

چيف جسٽس چيو ته ڇا 150 سال جون عدالتي مثال غير موثر ٿي ويا آهن عدالتي مثال موجب نظرثاني اپيل جي دائري ڪار ۾ فرق آهي ان ڳالهه جو جواب اوهان ڪالهه کان ناهي ڏنو

Leave A Comment