“گڊ ٽو سي يو” جا پڙاڏا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به پهچي ويا

مَي 17, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گـُـڊ ٽو سِي يُـو” جا پڙاڏا سپريم ڪورٽ کان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به پهچي ويا. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران  آءِ جي اسلام آباد عدالت ۾ پيش ٿيو، ان موقعي تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته آءِ جي جج جي جملي تي عدالتي ڪمري ۾ ٽهڪڙا مچي ويا. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال عمران خان جي پيشي تي کيس گڊ ٽو سي يو چيو هو، چيف جسٽس جي آجياڻي وارن انهن لفظن تي حڪمران جماعتن پاران سخت تنقيد ڪئي وئي.

Leave A Comment