سنڌ صوبو بدانتظامي جي هڪ ڳنڀير بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. حڪمراني جا بنيادي اصول ـ شفافيت، جوابدهي، قانون جي مٿڀرائپ ۽ عوامي ڀلائي ـ گهڻن شعبن ۾ نظرانداز ڪيا پيا وڃن. نتيجي طور بدانتظامي نه رڳو سرڪاري ادارن کي ڪمزور ڪيو آهي، پر سماج جي ڍانچي، عام ماڻهن جي زندگي ۽ صوبي جي معيشت تي به گهرا منفي اثر وڌا آهن. بدانتظامي جو سڀ کان وڏو اثر سماجي سطح تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. تعليم، صحت، پاڻي، صفائي ۽ ٽرانسپورٽ جهڙيون بنيادي سهولتون عوام جي پهچ کان ٻاهر ٿينديون پيون وڃن. سرڪاري اسڪولن ۾ استاد غيرحاضر، اسپتالن ۾ دوائون اڻلڀ، ۽ شهرن توڙي ڳوٺن ۾ گندگي جا ڍير بدانتظامي جون کليل علامتون آهن. جڏهن رياست پنهنجي شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿي ته سماج ۾ بي اعتمادي، مايوسي ۽ قانون کان لاتعلقي وڌي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ غيرقانوني طريقا، سفارش ۽ طاقتور ڌرين جو اثر وڌڻ لڳي ٿو، جيڪو سماجي انصاف کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ٿو.
عام ماڻهو بدانتظامي جو سڀ کان وڏو شڪار آهي. مهانگائي، بيروزگاري ۽ گهٽ آمدني اڳ ئي ماڻهن کي پريشان ڪري رهي آهي، مٿان وري بيڊ گورننس انهن مسئلن کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي. سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪرائڻ لاءِ رشوت، ڊگهيون قطارون ۽ ذلت عام ڳالهه بڻجي چڪي آهي. غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو صحت ۽ تعليم جهڙن شعبن ۾ خانگي ادارن تي ڀاڙڻ تي مجبور آهن، جيڪي سندن محدود آمدني تي وڌيڪ بار وجهن ٿا. نتيجي طور سماجي اڻبرابري وڌي ٿي ۽ غريب وڌيڪ غريب ٿيندو وڃي ٿو. نه صرف ايترو پر سنڌ جي معيشت تي بدانتظامي جا اثر به انتهائي خطرناڪ آهن. زراعت، جيڪا صوبي جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، پاڻي جي ناقص ورڇ، پراڻن آبپاشي طريقن ۽ ناقص پاليسين سبب نقصان ۾ آهي. صنعتن لاءِ توانائي جي کوٽ، قانوني غيريقيني ۽ سيڙپڪارن لاءِ غير سازگار ماحول پيدا ڪيو ويو آهي، جنهن سبب نوان سيڙپڪار اچڻ کان لنوائي رهيا آهن. بيروزگاري وڌڻ سان گڏ پيداوار ۾ گهٽتائي اچي ٿي، جيڪا مجموعي معاشي ترقي کي روڪي ٿي.
بدعنواني بدانتظامي جو هڪ اهم جز آهي. ترقياتي منصوبن ۾ دير، گهٽ معيار جو ڪم ۽ فنڊن جو غلط استعمال عوامي وسيلن کي ضايع ڪري ٿو. اهڙا منصوبا، جيڪي ماڻهن جي زندگي ۾ سڌارو آڻي سگهن ٿا، يا ته ڪاغذن تائين محدود رهن ٿا يا جلد ئي ناڪام ٿي وڃن ٿا. نتيجي ۾ عوام جو سرڪاري ادارن تي اعتماد ختم ٿيندو وڃي ٿو، جيڪو ڪنهن به جمهوري نظام لاءِ انتهائي خطرناڪ ڳالهه آهي. انهيءَ سموري صورتحال مان نڪرڻ لاءِ رڳو تنقيد ڪافي ناهي، رڳو حڪمرانن طرفان لفظن جي گوھر افشاني ۽ شعلا بياني ضروري ناهي پر سنجيده سڌارن جي ضرورت آهي. شفافيت ۽ جوابدهي کي يقيني بڻائڻ، ميرٽ تي ڀرتيون، مقامي ادارن کي مضبوط ڪرڻ جهڙا قدم انتهائي ضروري آهن. ساڳئي وقت، شهري شعور ۽ ميڊيا جو ڪردار به اهم آهي، جيڪو حڪمرانن کي سندن ذميوارين جو احساس ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.
سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جو دارومدار سٺي حڪمراني تي آهي. بدانتظامي نه رڳو حال کي بگاڙي ٿي، پر مستقبل جي نسلن کان به سندن حق کسي ٿي. جيڪڏهن حڪمران طبقا ۽ ادارا اڄ به سنجيدگي نه ڏيکاريندا ته نقصان صرف حڪومت جو نه، پر پوري سماج، عام ماڻهن ۽ صوبي جي معيشت جو ٿيندو. سنڌ کي هاڻي نعريبازي نه، پر عملي ۽ سٺي حڪمراني جي اشد ضرورت آهي. جمھوريت جو مطلب رڳو چونڊون ناهي، پر عوام کي بنيادي حق ۽ انصاف مهيا ڪرڻ آهي. سنڌ ۾ جمھوري ادارا موجود آهن، پر انهن جو ثمر عوام کي تيستائين نه ملندو، جيستائين قانون جي بالادستي قائم نه ٿيندي. ھونئن به سٺي حڪمراني ايورسٽ سر ڪرڻ جھڙو ڪو مشڪل ٽاسڪ نه آهي. رڳو گورننس کي بهتر بڻايو وڃي. پوليس کي غير سياسي بڻايو وڃي، ڀوتارڪو اثر ختم ڪيو وڃي، ۽ وسيلن جو صحيح استعمال ڪيو وڃي. جيڪڏهن حڪومت شفافيت، احتساب ۽ قانون جي حڪمراني تي ڌيان ڏئي ته عوام جا اڌ مسئلا پاڻمرادو حل ٿي ويندا.