گڏجي ثقافت بچائڻي پوندي، سنڌ منشيات کان پاڪ ڪبي، سماج ۾ تبديلي آڻينداسين: ڊگهڙي واسين جو اعلان

گڏجي ثقافت بچائڻي پوندي، سنڌ منشيات کان پاڪ ڪبي، سماج ۾ تبديلي آڻينداسين: ڊگهڙي واسين جو اعلان

ڊگھڙي (رپورٽ: پرويز شاهه) ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي ڏنل سڏ تي “منشيات کان پاڪ سنڌ” جي سري ھيٺ 7ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ  لاءِ شهر جي خانگي اسڪول مينٽور مونٽيسري ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ اسڪول جي ٻارن ٽيبلوز خاڪا ۽ تقريرون پيش ڪيون، گيتن ۽ شاعري ذريعي سنڌ جي ثقافت ايڪتا ۽ منشيات جي خطرناڪ اثرن بابت ڄاڻ ڏني وئي، تقريب ۾ ثقافتي لباس پاتل ٻارڙا گيتن تي جهمريون هڻي رهيا هئا، ان موقعي تي لالا محمد اسحاق ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو تـ  اسان کي پنھنجي ثقافت سان پيار آھي سنڌي تھذيب جي پراڻي تاريخ آھي ھي وقت ھڪ ٿيڻ جو آھي اسانکي بغير رنگ نسل جي پاڻ ۾ ملي ڪري ثقافت کي بچائڻو پوندو،  اھڙا پروگرام ٿيڻ سان ٻارن ۾ حوصلو وڌي ٿو ۽ ٻارن کي پنھنجي ثقافت بابت اھم ڄاڻ ملي ٿي منشيات جا معاشري تي خراب اثر ٿين ٿا جنھن سبب نوجوان نسل تباھي طرف وڌي رھيو آھي ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي ڏنل سڏ جي ڀرپور آجيان ٿا ڪريون اسان سڀ گڏجي سماج ۾ تبديلي آڻينداسين ۽ پنھنجي سنڌ کي منشيات کان پاڪ ڏسنداسين جڏھن تـ تقريب ۾ تعلقه ايجوڪيشن سيڪنڊري تيجارام جيساني،ايم ايس ڊاڪٽر الياس جٽ،اسماعيل سميجو،منظور علي چيليو،ممتاز علي موسيپوٽو،محمد رفيق آرائين ۽ ٻين مهمانن استادن والدين ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي۔