گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جنگ جي فوري خاتمي ۽ سڀني ڌرين کان جنگ بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان هڪ وڏي جنگ جي ڪناري تي آهيون جيڪا پوري وچ اوڀر کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهي ٿي ۽ سڄي دنيا لاءِ سنگين نتيجا پيدا ڪري سگهي ٿي. ماڻهو اڳ ۾ ئي توانائي ۽ کاڌي جي وڌندڙ قيمتن کان متاثر ٿي رهيا آهن. تڪرار جو “پرامن” حل ڪڍيو وڃي ۽ شهري انفراسٽرڪچر جو احترام ۽ تحفظ ڪيو وڃي. هن چيو ته منهنجو پيغام واضح آهي آمريڪا ۽ اسرائيل لاءِ وقت اچي ويو آهي ته هن جنگ کي روڪيو وڃي جيڪا سخت انساني مصيبت جو سبب بڻجي رهي آهي ۽ جنهن جا تباهي ڪندڙ معاشي نتيجا اڳ ۾ ئي محسوس ڪيا پيا وڃن. گوتريس ايران تي پڻ زور ڏنو ته پنهنجي پاڙيسرين تي حملا ڪرڻ بند ڪري.