| گڏيل قومن ۾ ٽرمپ جو غزه منصوبو منظور، پاڪستان جي حمايت، چين ۽ روس ووٽ نه ڏنو |
جنيوا(م ڊ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ٽرمپ جي غزه امن منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي، پاڪستان سوڌو 13 ميمبرز ٺهراءُ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو، چين ۽ روس ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو، ٽرمپ جي سربراهي ۾ بورڊ آف پيس غزه جي عبوري انتظاميا ۽ نئين سر اڏاوت جي نگراني ڪندو، منصوبي ۾ غزه لاءِ عالمي استحڪام فورس جي مقرري، سيڪيورٽي انتظام، حماس کي بي هٿيار ڪرڻ، نئين سر اڏاوت ۽ مستقبل ۾ فلسطيني رياست لاءِ امڪاني دڳ جو ذڪر شامل، عالمي بئنڪ جي نگراني هيٺ ٽرسٽ فنڊ وسيلي نئين سر اڏاوت ۽ عبوري انتظاميا هلائي ويندي، ٺهراءُ منظور ٿيڻ بعد آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سموري دنيا کي واڌايون هجن، سلامتي ڪائونسل ووٽ وسيلي بورڊ آف پيس کي منظور ڪيو آهي، آئون بورڊ جو سربراهه هوندس ۽ دنيا جا طاقتور اڳواڻ اُن ۾ شامل هوندا، هوڏانهن چيني ۽ روسي نمائندن جو چوڻ هو ته غزه ڪنهن ٻئي نه، رڳو فلسطيني عوام جو آهي، چين ۽ روس غزه امن ٺهراءُ تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا، چيني سفير چيو آهي ته ٺهراءُ فلسطينين جي حڪمراني واري اصولن جي عڪاسي نٿو ڪري، روسي نمائندي چيو ته منصوبي ۾ فلسطينين کي سموري عمل کان ٻاهر رکيو ويو آهي، ٽرمپ منصوبي سان غزه ۽ ويسٽ بئنڪ جي وڌيڪ ورهاڱي جو خطرو پيدا ٿي رهيو آهي، سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي نمائندي وسيم عاصم افتخار چيو ته غزه ۾ تڪرار جي خاتمي لاءِ ٽرمپ جي غزه منصوبي آجيان ڪريون ٿا، بنيادي مقصد غزه ۾ معصوم فلسطينين جو قتلام روڪڻ آهي، غزه مان اسرائيلي فورسز جي مڪمل واپسي چاهيون ٿا، اسان جو مقصد 1967ع کان اڳ جي سرحدن پٽاندڙ فلسطيني رياست جو قيام آهي، فلسطيني رياست جي راڄڌاني القدس هجڻ گهرجي، ٻئي طرف حماس غزه ۾ عالمي فورس جي مقرري کي رد ڪري ڇڏيو، فلسطيني اٿارٽي پاران غزه امن ٺهراءُ جي آجيان ڪئي وئي، حماس چيو آهي ته سمورا مزاحمتي ڌڙا غزه تي مڙهيل عالمي سرپرستي رد ڪن ٿا، رڳو گڏيل قومن جي نگراني هيٺ فورس قبول ڪئي ويندي، جنهن کي جنگبندي جي نگراني لاءِ مقرر ڪيو وڃي، ٻئي پاسي فلسطيني اٿارٽي چيو آهي ته آمريڪي منصوبو مستقل جنگبندي جي توثيق ڪري ٿو.