گڏيل قومون اسرائيلي جارحيت بند ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪن: پاڪستان

آڪٽوبر 12, 2023

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪندي چيو آهي ته گڏيل قومون فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت بند ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن

 پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا  بلوچ پنهنجي هفتيوار ميڊيا بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو ۽ گڏيل قومن کان گهر ڪري ٿو ته فوري طور سيز فائر لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون وڃن

هن چيو ته غزا ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو ويو، انهن حملن ۾ عورتون ۽ ٻار به شهيد  ٿيا، وچ اوڀر ۾ امن وقت جي اهم ضرورت آهي، غذائي شين جي ترسيل روڪڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي،  والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن

سندس چوڻ هو ته حريت جماعتن تي ڀارتي حڪومت پابنديون لڳائي رهي آهي، ڪشميرين کي مرضي موجب حق خوداراديت  ملڻ گهرجي

 پرڏيهي ترجمان موجب چيني صدر جي دعوت تي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چين جي دوري تي ويو آهي، جتي هو بي آر ايف کي خطاب ڪندو ۽ چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو

Leave A Comment