جنھن آئيني فورم جو اجلاس ھر ٽن مھينن ۾ گھرائڻ آئيني گھرج آھي، اتي اسان جي حڪمرانن وٽ آئين جي اھميت اھا آھي جو گذريل اڍائي سالن کان گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو اجلاس. نه گھرايو ويو آهي. اجلاس نه ٿيڻ سبب سنڌ سرڪار جا پاڻي معاهدي تي عمل نه ٿيڻ وارا خدشا اڃا تائين برقرار آهن. جڏهن ته جلالپور ڪئنال تي به سنڌ حڪومت پاران وفاق اڳيان احتجاج ڪرڻ تي غور شروع ڪيو ويو آهي. سنڌ سرڪار پاران گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لاءِ وزيراعظم کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وفاقي نظام جي ڪاميابي جو دارومدار صرف اختيارن جي ورهاست تي نه، پر انهن آئيني ادارن جي فعال ڪردار تي به هوندو آهي، جيڪي وفاق ۽ صوبن وچ ۾ پيدا ٿيندڙ اختلافن کي حل ڪرڻ لاءِ جوڙيا ويا آهن. پاڪستان جي آئين ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) اهڙو ئي هڪ اهم آئيني فورم آهي، جنهن جو بنيادي مقصد وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ تڪراري معاملن کي اتفاق راءِ سان نبيرڻ، قومي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاقي وحدت کي مضبوط ڪرڻ آهي. آئين واضح طور تي تقاضا ڪري ٿو ته سي سي آءِ جو اجلاس هر ٽئين مهيني ضرور گهرائجي، پر افسوس جو ھر حڪومت ۾ هن آئيني گهرج کي نظرانداز ڪرڻ معمول بڻجي ويو آهي. ڪنهن به آئيني اداري کي غيرفعال بڻائڻ يا ان جا اجلاس مقرر وقت تي نه گهرائڻ رڳو انتظامي غفلت نه، پر آئين جي روح کان انحراف پڻ آهي. جڏهن آئيني فورم پنهنجو ڪردار ادا نٿا ڪن ته پوءِ اختلاف حل ٿيڻ بدران وڌيڪ پيچيده بڻجي وڃن ٿا. اڄ ملڪ ۾ پاڻي جي ورڇ، نون واهن جي تعمير، وسيلن جي ورهاست ۽ ٻين بين الصوبائي معاملن تي جيڪي تڪرار پيدا ٿي رهيا آهن، تن جو هڪ وڏو سبب به اهو آهي ته اختلافن کي وقت سر مجاز فورم تي آڻي حل ڪرڻ بدران معاملن کي التوا ۾ رکيو وڃي ٿو. خاص طور تي جلال پور ڪينال سميت پاڻي سان لاڳاپيل تڪرارن ملڪ اندر بيچيني کي وڌايو آهي. پاڻي زندگيءَ جو بنيادي وسيلو آهي ۽ پاڪستان جهڙي زرعي معيشت رکندڙ ملڪ ۾ ان بابت هر فيصلو انتهائي حساسيت جوڳو هوندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن صوبي کي اهو احساس پيدا ٿئي ته سندس پاڻيءَ جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي يا ان جا اعتراض ٻڌڻ لاءِ ڪو مؤثر فورم موجود ناهي، ته پوءِ بي اعتمادي وڌڻ لازمي آهي. اهڙي صورتحال ۾ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن گڏيل مفادن واري ڪائونسل جا اجلاس ئي نه ٿيندا، ته پوءِ جلال پور ڪينال جهڙا اهم ۽ حساس معاملا آخر ڪٿي نبيريا ويندا؟
وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته اها آئين موجب سي سي آءِ کي باقاعده فعال رکي. اختلافن کي دٻائڻ يا اجلاس ملتوي ڪرڻ سان مسئلا ختم ناهن ٿيندا، بلڪه اهي وڌيڪ سنگين صورت اختيار ڪندا. هڪ مضبوط وفاق هميشه ڳالهين، آئيني ادارن جي احترام ۽ گڏيل فيصلن سان هلي ٿو، نه ڪي يڪطرفي قدمن سان. وفاق کي گهرجي ته هو سڀني صوبن جي خدشن کي سنجيدگي سان ٻڌي ۽ سي سي آءِ کي رڳو رسمي ادارو نه، پر عملي فيصلن جو مؤثر فورم بڻائي.
ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جو ڪردار به مڪمل طور تسلي بخش نظر نٿو اچي. سنڌ جي منتظمين جو چوڻ آهي ته هنن گهڻو وقت اڳ سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو هو، پر جيڪڏهن اهو مطالبو نتيجا نه ڏئي سگهيو ته پوءِ ان حوالي سان وڌيڪ اثرائتي آئيني ۽ سياسي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهربي هئي. افسوس جو جلال پور ڪينال خلاف سنڌ ۾ عوامي ردعمل زور وٺڻ کان پوءِ ئي ٻيهر اجلاس گهرائڻ جي مطالبي جو فيصلو ڪيو ويو. حساس قومي معاملن تي رڳو عوامي دٻاءُ کان پوءِ سرگرمي ڏيکارڻ، حڪومتي سنجيدگي بابت ڪيترائي سوال اٿاري ٿو.گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو باقاعده ۽ وقت سر اجلاس صرف هڪ آئيني تقاضا ئي نه، پر قومي يڪجهتي، وفاقي هم آهنگي ۽ بين الصوبائي اعتماد جي ضمانت پڻ آهي. جيڪڏهن هن اهم اداري کي نظرانداز ڪيو ويندو ته نه رڳو پاڻي جهڙا حساس تڪرار شدت اختيار ڪندا، پر وفاقي نظام تي عوام جو اعتماد پڻ متاثر ٿيندو.