| گڙدو ڏي يا 30 لک ڪڍ: ناري کان لالچي ساهرن جو مطالبو |
ڪانپور (انٽريسٽنگ نيوز) هندستان ۾ ڏاج سان لاڳاپيل هڪ حيران ڪندڙ واقعو سامهون آيو آهي، جتي ساهرن پنهنجي ننهن کان اهڙو غيرمعمولي مطالبو ڪيو جنهن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. رپورٽن مطابق اتر پرديش جي شهر ڪانپور ۾ هڪ عورت کان مطالبو ڪيو ويو ته هو پنهنجي مڙس لاءِ گڙدو عطيو ڪري يا 30 لک رپيا نقد ڏئي. جنهن تي متاثر عورت پوليس سان رابطو ڪيو ۽ الزام لڳايو ته شادي کان اڳ ساهرن اها حقيقت لڪائي ته سندس مڙس جا ٻئي گڙدا ناڪاره آهن هن اهم معاملي کان بي خبر رکي شادي ڪرائي وئي. شادي 22 جون 2025 تي لکنؤ جي رهواسي نشانت ڪمار سان ٿي، ساهرن 8 لک رپيا نقد، زيور ۽ هڪ ڪار به ڏاج ۾ ورتي. پر شادي کان پوءِ ساهرن صحيح سلوڪ نه ڪيو ۽ سندس ذاتي زندگي ۾ به مداخلت ڪئي. عورت چيو ته مڙس روزانو ڪيتريون ئي دوائون استعمال ڪندو هو، جيڪو سندس صحت جي سنگيني کي ظاهر ڪري ٿو. بعد ۾ خبر پئي ته سندس مڙس جو ڪنهن ٻي عورت سان به لاڳاپو آهي، جنهن جي خاندان کي به خبر هئي. صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي وئي جڏهن ساهرن مطالبو ڪيو ته هوءَ گڙدو عطيو ڪري يا 30 لک رپين جو بندوبست ڪري. هن مطالبي کان پوءِ عورت مڙس کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي گهر واپس هلي وئي پر ساهرن سندس سموريون شيون روڪي ڇڏيون. نشانت ڪمار ۽ سندس خاندان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.